اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي جي 2022ع ۾ لوڪ سڀا ۾ ڪيل هڪ پراڻي تقرير جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڀارتي پرڏيهي پاليسي جو سڀ کان اهم مقصد ”پاڪستان ۽ چين کي هڪ ٿيڻ کان روڪڻ“ هئڻ گهرجي.
راهول گانڌي اِها تقرير ڀارتي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي تي تنقيد ڪندي ڪئي هئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ چين هڪ ٿي ويا ته اهو ڀارتي عوام سان سڀ کان وڏو ظلم هوندو.
تازو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار ۽ ڀارتي جارحيت جي پس منظر ۾ جڏهن چين پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪيو، تڏهن راهول گانڌي جي اها پراڻي تقرير ٻيهر سامهون آئي.
راهول گانڌي پنهنجي تقرير ۾ چتاءُ ڏيندي چيو هو ته ڪو به غلط فهميءَ ۾ نه رهي، ڇو ته جيڪو خطرو سامهون بيٺو آهي، ان کي گهٽ نه سمجهو.
You might also like