آزاد ڪردستان تحريڪ جي پڄاڻي: ڪرد ورڪرز پارٽي جو ترڪيا سان تڪرار ختم ڪرڻ جو اعلان

استنبول(ويب ڊيسڪ)ترڪيا خلاف 40 سالن کان سرگرم گروپ ڪرد ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي) ترڪيا سان تڪرار ختم ڪرڻ ۽ گروپ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آزاد ڪردستان تحريڪ ۾ سرگرم ڪردستان ورڪرز پارٽي ترڪيا خلاف مداخلت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

واضح رهي ته چئن ڏهاڪن کان جاري هن تڪرار ۾ اڄ تائين 40 هزار کان مٿي ماڻهو زندگيون وڃائي چڪا آهن.

گروپ جي اڳواڻ عبدالله اوجالان جيل مان مزاحمت ختم ڪرڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪردستان ورڪرز پارٽي طرفان اهو به چيو ويو آهي ته ترڪيا سان لاڳاپن کي نئين سر طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.