ڀارتي فوج رافيل ڪيرائڻ جو اڻ سڌيءَ ريت اعتراف ڪري ورتو

ڀارتي فوج رافيل جهاز ڪرڻ جو اڻ سڌي ريت اعتراف ڪري ورتو، ميڊيا بريفنگ دوران ڀارتي ايئر مارشل اي ڪي ڀارتي چيو ته نقصان جنگ جو حصو هوندو آهي.

ميڊيا پاران رافيل جهاز ڪرڻ بابت سوال ڀارتي فوج لاءِ مصيبت بڻجي ويو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ماڻهو ان تي مزاحيا تبصرا ڪندا رهيا.

ڀارتي فوج پنهنجي ٻي پريس بريفنگ دوران به آپريشن ۾ ڀارتي جهازن بابت سوال تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

ڀارتي صحافي آپريشن ۾ شامل جهازن جا انگ اکر پڇا ته ايئر مارشل اي ڪي ڀارتي چيو ته "ڪالهه به ٻڌايو هو ته هن جنگ جا تفصيل هن وقت نٿا ٻڌائي سگهجن، هي ٽيڪنيڪل ۽ آپريشنل تفصيل آهن، ها، ايترو ضرور چونداسين ته هيءُ هڪ تمام مختلف ويڙهه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.