ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر شان ٽيٽ کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي۔
ڍاڪا مان جاري ٿيل بي سي بي جي پڌرائي موجب شان ٽيٽ هن مهيني جي آخر تائين بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم کي جوائن ڪندو۔
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر سان بي سي بي نومبر 2027ع تائين معاهدو ڪيو آهي۔
شان ٽيٽ ان کان اڳ پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ افغانستان جي ٽيم سان به ڪم ڪري چڪو آهي۔