پي ايس ايل 10 جي باقي ميچن بابت اتفاق ٿي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جا باقي ميچ ڪرائڻ لاءِ مئي جي ٽئين هفتي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب پي ايس ايل 10 جا باقي ميچز 17 کان 25 مئي جي وچ ۾ ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لاجسٽڪ معاملن سبب ميچون هڪ ئي هنڌ تي ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن.

پي ايس ايل 10 جي باقي ميچز لاءِ غير ملڪي رانديگرن جي موجودگي ۽ غير موجودگي بابت به ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

ذريعن موجب فرنچائزون غير ملڪي رانديگرن کي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهن، جڏهن ته غير موجودگي جي صورت ۾ متبادل رانديگرن تي غور ڪيو ويندو.

پي ايس ايل 10 جي باقي ميچز جو شيڊول سڀني معاملن تي اتفاق کانپوءِ جلد اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.