اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آپريشن "بنيان مرصوص” جي شاندار ڪاميابي تي وزيراعظم 10 مئي کي هر سال "معرڪاءِ حق” جي ڏينهن طور ملهاڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يومِ معرڪاءِ حق ملڪ ۾ جوش، جذبي ۽ قومي يڪجهتي سان ملهايو ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته بهادر فوجن جي پيشوراڻي صلاحيتن اسان جا ڳاٽ فخر سان مٿي ڪري ڇڏيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته شهيدن جي ٻارن جي سار سنڀال حڪومت جي ذميواري آهي ۽ حڪومت اهو فرض ضرور نڀائيندي۔ معرڪه حق حق ۾ زخمي ٿيندڙن جي علاج جو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي.
وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جي دفاع لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙن کي قومي سطح تي مڃتا ڏني ويندي ۽ ڪنهن به محاذ تي خدمتون ڏيندڙن کي اعزازن سان نوازيو ويندو.
ان حوالي سان جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته معرڪه حق ۾ شهيد ٿيل شهرين جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپين جي مالي امداد ڏني ويندي، جڏهن ته زخمي ٿيندڙن کي 10 لکن کان 20 لکن رپين تائين ڏنا ويندا.
پاڪ فوج جي شهيدن کي سندن ريٽائرمنٽ جي تاريخ تائين پوري پگهار ۽ الاؤنسز ملندا، سندن ٻارن کي گريجوئيشن تائين مفت تعليم ڏني ويندي ۽ هر شهيد فوجي جي هڪ نياڻي جي شادي لاءِ 10 لک رپين جي مئرج گرانٽ ڏني ويندي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي زخمي اهلڪارن کي هر فرد 20 لکن کان 50 لکن رپين تائين ڏنا ويندا، جڏهن ته ڀارتي حملي سبب متاثر ٿيل گهرن ۽ مسجدن جي اڏاوت وفاقي حڪومت ڪندي.