پشاور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي جي ميمبر جنيد اڪبر کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب عليما خان باني پي ٽي آءِ عمران خان جو پيغام پارٽي قيادت تائين پهچايو، جنهن ۾ جنيد اڪبر کي پي اي سي جي چيئرمين شپ ڇڏڻ لاءِ چيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جو لکيل حڪم پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا تائين عليما خان پهچايو.
ذريعن موجب عمران خان چيو آهي ته جنيد اڪبر پارٽي عهدن تي مڪمل ڌيان ڏين.
جنيد اڪبر جي جاءِ تي عمر ايوب کي پي اي سي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ان سلسلي ۾ جنيد اڪبر جو چوڻ آهي ته جڏهن عمران خان چوندو، پي اي سي جي چيئرمين شپ ڇڏي ڏيندس.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته هي پارٽي جو اندريون معاملو آهي، في الحال ان بابت ڪو به موقف نه ٿو ڏيڻ چاهيان.