ڪڪڙ جو گوشت کائيندڙن لاءِ موتمار خطرن جو انڪشاف

جيڪڏهن توهان روزانو فارمي ڪڪڙ کائڻ جا عادي آهيو ته خبردار ٿي وڃو، ڇو ته نئين تحقيق مطابق اها عادت توهان کي حياتيءَ لاءِ خطري واري بيماري، مطلب ته ڪينسر، جو شڪار بڻائي سگهي ٿي.

جـرنـل نيوٽريشنز ۾ ڇپيل هڪ نئين سائنسي تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪڪڙ جي گوشت جو گهڻو استعمال هاضمي واري نظام سان لاڳاپيل ڪينسر جي مختلف قسمن جو خطرو وڌائي ٿو.

عام طور تي ڪڪڙ کي هڪ صحتمند پروٽين جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي، خاص طور تي ڳاڙهي ۽ پروسيس گوشت جي ڀيٽ ۾ پر هن تحقيق جا نتيجا انهيءَ روايتي سوچ جي مخالفت ڪن ٿا.

تحقيق موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو هر هفتي 300 گرام کان وڌيڪ ڪڪڙ جو استعمال ڪري ٿو ته ان جي ڪنهن به سبب سان زندگي وڃائڻ مطلب ته فوت ٿيڻ جو خطرو 27 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو. ساڳئي وقت، هاضمي جي مرضن سان واسطو رکندڙ ڪينسر جا امڪان 2.3 سيڪڙو وڌي وڃن ٿا، جڏهن ته مردن ۾ اهو خطرو 2.6 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. جيڪو عورتن کان وڌيڪ آهي.

ان کان رڳو ڳاڙهي ۽ پروسيس گوشت کي ئي ڪينسر جو سبب قرار ڏنو ويندو هو، پر هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪڪڙ کي به هاضمي سان لاڳاپيل ڪينسر سان ڳنڍيو ويو آهي.

تحقيق دوران اٽليءَ جي 5 هزار جي لڳ ڀڳ وچين عمر وارن ماڻهن جي خوراڪ جي عادتن جو جائزو ورتو ويو. انهن ماڻهن کان ڳاڙهي ۽ اڇي گوشت (مطلب ڪڪڙ) جي استعمال بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته تحقيق جا نتيجا حيران ڪندڙ آهن ۽ ضروري آهي ته هن موضوع تي وڌيڪ مطالعو ڪيو وڃي. سندن خيال آهي ته ڪڪڙ کي سدائين صحتمند متبادل سمجهيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ چرٻي گهٽ هوندي آهي، پر هاڻي ان بابت ٻيهر سوچڻ جي ضرورت آهي.

تحقيق ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪڪڙ جي گوشت مان ڪينسر جو خطرو ڇو پيدا ٿئي ٿو، ان جي پٺيان مختلف سبب ٿي سگهن ٿا، جيئن گوشت کي پچائڻ جو طريقو، وقت ۽ گرمي پد وغيره، جيڪي صحتياب نتيجن تي اثرانداز ٿين ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان اهو نه ٿا چئون ته ڪڪڙ جو استعمال مڪمل طور تي بند ڪيو وڃي. پر ان جو استعمال محدود مقدار ۾ ڪرڻ جي عادت اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن صحت جا ممڪن خطرا گهٽجي سگهن.

تحقيق موجب هر هفتي 200 گرام ڪڪڙ جو استعمال صحت لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.