يورپ جي دفاعي تجزياتي ويب سائيٽ اينٽي ايئر ڪرافٽ سسٽم ايس 400 جي تباهيءَ کي پاڪ-ڀارت جنگ جو سڀ کان وڏو واقعو قرار ڏنو آهي.
بلغاريه ملٽري ريويو موجب پاڪستان جي جوابي حملن دوران ايس 400 جي تباهي ٿي آهي ته اهو سڀ کان وڌيڪ هاءِ پروفائل واقعو آهي، آدم پور بيس اتر ڀارت جو مرڪزي بيس آهي، جيڪو سخوئي اسڪواڊرن مرڪز ۽ سرحد کان 100 ڪلو ميٽر پري آهي.
دفاعي تجزياتي ويب سائيٽ ۾ چيو ويو آهي ته انتهائي اهم ايئر بيس تي روسي دفاعي نظام جي تباهي سان ڀارتي دفاعي دفاع ڪمزور ٿي ويو، پاڪستان هائپر سونگ، جي ايف 17 ٿنڊر ۾ لڳايو آهي ته پاڪ فضائيا جي حملي جي صلاحيت گهڻي وڌي وئي.
بلغاريه ملٽري ريويو جو اهو به چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو پاڪستان چين جي هائپر سونڪ ميزائلن جو مقامي نمونو تيار ڪيو هجي، ايس 400 جي تباهي ڀارت جي دفاعي حڪمت عمليءَ تي ڊگها اثر ڇڏيندي.
ملٽري ريويو ۾ چيو ويو آهي ته اهو هڪ علامتي پيغام به آهي ته پاڪستان ڀارت جي گهڻي اندر تائين حملي جي صلاحيت رکي ٿو.
You might also like