پاڪستان ڀارت کي ٽوٽا چٻائي چيني جهازن جي ڊمانڊ وڌائي ڇڏي

پاڪستان ۽ ڀارت جي تازي ڇڪتاڻ چيني ويڙهاڪ جهازن جي ڊمانڊ وڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي جنگي جهازن ۾ هاڻي مصر دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ چين ۽ مصر گذريل هفتي 18 ڏينهن تي ٻڌل گڏيل جنگي مشقون مڪمل ڪيون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته چيني جنگي جهاز وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن بدلائي سگهن ٿا.
ياد رهي ته تازو ئي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل فضائي جهڙپ سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جنهن کي جديد فضائي هٿيارن، پائليٽن جي مهارت ۽ ويڙهاڪ جهازن جي ڪارڪردگي کي پرکڻ جو بهترين موقعو قرار ڏنو پيو وڃي.
چين جي ٺهيل پاڪستاني جهازن ۽ فرانس جي ٺهيل ڀارتي رافيل جهازن وچ ۾ ٿيندڙ فضائي جهڙپ جو سڄي دنيا جون فوجون تجزيو ڪنديون ته جيئن مستقبل جي جنگين ۾ سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ قيمتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.
6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ڀارتي حملن جو ڀرپور جواب ڏيندي 5 ڀارتي جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ 3 رافيل جهاز به شامل هئا، پاڪستاني اختيارين موجب پاڪ فضائيا ان جهڙپ ۾ رافيل جهازن خلاف چين جا ٺهيل جي 10 جهاز استعمال ڪيا.
سينيئر پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن آمريڪي نشرياتي اداري کي ٻڌايو ته اها ويڙهه هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي، جنهن ۾ ٻنهي پاسي جي لڳ ڀڳ 125 جهازن شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جا جنگي جهاز پنهنجي فضائي حدن کان ٻاهر نه ويا ۽ جنگ دوران ڪجهه موقعن تي 160 ڪلو ميٽر پري کان به هڪ ٻئي تي ميزائل فائر ڪيا ويا.
بي بي سي ڏکڻ ايشيا جي ريجنل ايڊيٽر اينبرسن اٿرجان چيو آهي ته ڀارت کي هاڻي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته پاڪستان جي فضائي طاقت ڀارت کان وڌيڪ آهي.
هڪ برطانوي صحافي چيو ته ڀارت اربين ڊالرن جا هٿيار خريد ڪرڻ باوجود ناڪام ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.