سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 47 سيڪڙو ٿي وئي،ارسا ڊيم ڀرڻ لاءِ بضد

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 47 سيڪڙو ٿي وڃڻ باوجود واپڊا ، پنجاب ۽ ارسا پنجاب جي ڪئنالن جي کڻت وڌائڻ سان گڏ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ تي بضد بڻيل آهن، سنڌ جي ڪئنالن  کي 61 هزار 700 ڪيوسڪ جي جاءِ تي رڳو 32 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن ۽ مختلف ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڄ کان وڌي 47 سيڪڙو تي پهچي ويئي آهي،مئي جي ٻئي ٽين ڊيليز ۾ سنڌ جي بئراجن جي ايلوڪيشن 61 هزار 700 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته سنڌ جي ٽنهي ڪوٽڙي،سکر ۽ گڊو بئراجن جي ڪئنالن کي ايلوڪيشن جي ابتڙ فقط 32 هزر 600 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ تاريخ جي بدترين پاڻي کوٽ کي منهن ڏيئي رهي آهي، ٻي پاسي پنجاب جي 1991ع واري پاڻي ٺاھ مطابق ايلوڪيشن 93 هزار 700 ڪيوسڪ ٿئي ٿي پر ان کي 1 لک 5 هزار 400 سئو ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، سنڌ کي ايلوڪيشن کان 29 هزار ڪيوسڪ گهٽ ۽ پنجاب کي ايلوڪيشن کان 12000 ڪيوسڪ وڌيڪ سو به کنڌي تي پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، ٻي طرف پنجاب پنهنجي ڪئنالن جي کڻت لاڳيتو وڌائي رهيو آهي، ڪالھ مظفر ڳڙھ ڪئنال جي کڻت 3500 مان وڌائي 6000 هزار ڪيوسڪ ۽ ڊيرا غازي خان ڪئنال جي کڻت 3500 ڪيوسڪ مان وڌائي 5000 هزار ڪيوسڪ ڪئي آهي، ٿل ڪئنال ۾ 7000 هزار ڪيوسڪ، تڪراري چشما جهلم فلڊ لنڪ ڪئنال ۾ 12 هزار ڪيوسڪ،تڪراري تونسا پنجند فلڊ لنڪ ڪئنال ۾ 7146 ڪيوسڪ،سي آر بي سي ۾ 3406 ڪيوسڪ ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ 600 ڪيوسڪ کڻي ورتا آهن ، چناب ندي جو سمورو 33900 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کڻي ورتو آهي جڏهن ته جهلم درياھ جي 52400 ڪيوسڪ مان 32000 هزار ڪيوسڪ ڪئنالن لاء کڻڻ کان پوء 20400 ڪيوسڪ وري منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو آهي،سنڌو درياھ جو وهڪرو 1 لک 36 هزار ڪيوسڪ تائين پهچڻ کانپوءِ 70 هزار ڊائون ۾ ڇڏي شام تائين 66 هزار ڪيوسڪ پاڻي جمع ڪيو ويو بعد ۾ تربيلا ڊائون جو وهڪرو وڌائي 82 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي تربيلا ڊائون مان سنڌ  درياھ ۾ ايندڙ اضافي پاڻي جو فائدو به پنجاب جي ڪئنالن کي ڏنو پيو وڃي ٻي طرف سنڌ لاءِ چشما بئراج کان ڇڏيل پاڻي اڃا تونسا ڊائون وٽ مس وڃي 70 هزار ڪيوسڪ ٿيو آهي جيڪو گڊو بئراج جي اپ وٽ 45037 ڪيوسڪ ٿيو آهي ، واپڊا ،ارسا توڙي پنجاب پاران ڊيمن ۾ ذخيرو ڪرڻ سبب هن وقت تائين ڊيمن ۾ 2.855 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي ، پر ڪوٽڙي بئراج جي ايلوڪيشن 15700 هجڻ باوجود اتي 5750 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، سکر بئراج جي ايلوڪيشن 39500 ڪيوسڪ هجڻ باوجود سکر جي ڪئنالن کي 26 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي ۽ گڊو بئراج جي ڪئنالن جي ايلوڪيشن 6500 هجڻ باوجود ان جي ڪئنالن کي 667 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، بئراج وائيز پاڻي کوٽ ڪوٽڙي بئراج تي 68 سيڪڙو، سکر تي 39 ۽ گڊو بئراج تي 89 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي ، جيڪا پاڻي جي کوٽ تاريخ جي بدترين کوٽ آهي پر سنڌ جي وڏي وزير توڙي آبپاشي کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي هوڏانهن سنڌ آبادگار بورڊ ارسا اڳيان سخت احتجاج ڪندي سنڌ کي مڪمل پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ،سنڌ آبادگاربورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب کي اضافي پاڻي ڏيڻ سان گڏ سمورن غير قانوني فلڊ ڪئنالن ۾ فُل سپلائي ڏني پئي وڃي پر سنڌ جي ڪئنالن مان واري پئي اڏامي ۽ سنڌ کي پورو پاڻي نٿو ملي هن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجو حصو گڊو بئراج تي ڏنو وڃي ۽ پاڻي جي ورهاست شفاف ڪئي وڃي ،هن چيو ته اسان ارسا کي خط لکي احتجاج ڪري چڪا آهيون ۽ اسان جو موقف آهي ته جڏهن سنڌ جي حصي جو پاڻي گڊو بئراج تي پهچي ته پوءِ پنجاب جي ڪئنالن کي پاڻي حصي موجب ڏنو وڃي تڏهن وڃي انصاف واري ورڇ ٿيندي باقي چشما کان جيڪو پاڻي ڇڏين ٿا اهو وري گڊو تائين پهچندي پنجاب ئي چوري ڪري وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.