ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ هر چوٿون جوڙو بي اولادي جهڙي ڳڻتي جوڳي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ سبب عورتن ۾ پيدا ٿيندڙ مرض پولي سسٽڪ اووري سينڊروم (PCOS) کي قرار ڏنو ويو آهي. هي مرض، اولاد ڄڻڻ واري عمر وارين لڳ ڀڳ 52 سيڪڙو عورتن کي متاثر ڪري رهيو آهي.
ماهرن موجب پي سي او ايس هاڻ عورتن ۾ هارموني عدم توازن، بي اولادي ۽ حمل ضايع ٿيڻ جي سڀ کان اهم ۽ عام بيماري بڻجي چڪو آهي.
اهڙيون ڳالهيون پاڪستان جي "پي سي او ايس، ايڊوليسنٽ اينڊ ريپروڊڪٽو هيلٿ سوسائٽي” جي سجايل هڪ جاڳرتا سيمينار ۾ سينيئر گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر زبيدا مسعود بيان ڪيون. هن تقريب جو اهتمام "اينڊوميٽريوسس اينڊ ايڊينومائيسس سوسائٽي” ۽ مقامي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني جي سهڪار سان ڪيو ويو هو.
ڊاڪٽر زبيدا ٻڌايو ته پي سي او ايس نه رڳو عورتن لاءِ حمل قرار ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي، پر جيڪي عورتون ڳورهاريون ٿي به وڃن ٿيون، انهن ۾ به حمل ضايع ٿيڻ جو خطرو تمام گهڻو وڌي ويو آهي.
هن بيماريءَ جي اهم سببن ۾ رت جي رشتن ۾ شاديون (ڪزن ميريج)، موروثي اثر، ٿولهه ۽ سست طرز زندگي کي ذميوار قرار ڏنو ويو.
ڊاڪٽر زبيدا خبردار ڪيو ته نيم حڪيم ۽ اڻ رجسٽرڊ ماڻهو اهڙيون دوائون تجويز ڪري رهيا آهن، جيڪي عورتن ۾ رحم ۽ ٻچي داني جي ڪينسر جو سبب بڻجي رهيون آهن.
تقريب ۾ مهمانِ خاص پروفيسر ڊاڪٽر جين ڪوني، جيڪا انٽرنيشنل فيڊريشن آف گائناڪالاجي اينڊ آبسٽيٽرڪس جي صدر ۽ آمريڪن ڪاليج آف آبسٽيٽرشينز اينڊ گائناڪالاجسٽس جي اڳوڻي صدر آهي، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پي سي او ايس صرف ڄم جي بيماري ناهي، پر هڪ منجهيل هارموني ۽ ميٽابولڪ مسئلو آهي، جيڪو عورتن جي جسماني ۽ ذهني صحت تي گهرو اثر وجهي ٿو.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اها بيماري اڪثر نوجوان، ڪنوارين ڇوڪرين ۾ سالن تائين سڃاڻپ کان رهجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته حيض ۽ توليدي صحت بابت ڳالهه ڪرڻ کي اڃا تائين سماجي روڪ سمجھيو وڃي ٿو. پرڻيل عورتن کي به اڪثر ان وقت ان جي خبر پوي ٿي، جڏهن اهي ماءُ بڻجڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون.
ڊاڪٽر ڪوني خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته هي بيماري "هڪ خاموش وبا” جي صورت اختيار ڪري سڄي نسل جي توليدي صحت کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.
ماهرن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ رشتيدارن سان شادين جو رواج عام آهي، جيڪو موروثي هارموني مسئلن جي وڌڻ جو اهم سبب آهي. ان سان گڏ، 80 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ٿولهه جو شڪار آهن، جيڪو انسولين جي مزاحمت (insulin resistance) پيدا ڪري ٿو – جيڪا پي سي او ايس جو بنيادي سبب آهي.
هن بيماريءَ جي ڪري عورتن کي حيض جي بيقاعدگي، چهري تي غير ضروري وارن جو وڌڻ، ڪَن، وارن جو ڇڻڻ، ذهن تي دٻاءُ ۽ اعتماد جي گهٽتائي جهڙا مسئلا پيش اچن ٿا.
ڊاڪٽر ڪوني زور ڀريو ته شروعاتي سڃاڻپ ۽ طرز زندگي ۾ تبديلي سان وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. وزن ۾ رڳو 5 کان 10 سيڪڙو گهٽتائي سان به هارموني توازن ۽ زرخيزي بهتر ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان ۾ پي سي او ايس جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن ۾ ميٽفارمن (انسولين جي مزاحمت گھٽائڻ لاءِ)، هارموني گوريون، ٻچي داني کي متحرڪ ڪندڙ دوائون جهڙوڪ ڪلوميفين سائٽريٽ ۽ ليٽروزول شامل آهن. چهري جي وارن ۽ ڪَن جي علاج لاءِ اينٽي اينڊروجنز به تجويز ڪيا وڃن ٿا.
سيمينار ۾ برطانيا جي ڏکڻ ٽائنسائيڊ NHS سان لاڳاپيل گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر هاني ڊبليو فوزي چيو ته پي سي او ايس جي اثرائتي علاج لاءِ مريض کي مرڪز ۾ رکي ٽيم ورڪ سان ڪم ڪرڻ ضروري آهي. ان لاءِ غذائي ماهر، ذهني صحت جا ماهر، اينڊوڪرينولوجسٽ ۽ گائناڪالاجسٽ جو گڏيل سهڪار لازمي آهي.
هن زور ڏنو ته دوا سان گڏ سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر مطابق طرز زندگي ۾ تبديلي ۽ مشاورت هن بيماريءَ جي شدت گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
ان موقعي تي ڊاڪٽر شاهين ظفر، ڊاڪٽر رضيه قريشي، ڊاڪٽر ياسمين نعمان ۽ ڊاڪٽر صائمه زبير به پنهنجا خيال پيش ڪيا.