ڀارتي اداڪار جو ماورا حسين سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار هرش ورڌن راني اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين کي فلم صنم تيري قسم جي سيڪوئل ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو ته هو هن پروجيڪٽ کان ڌار ٿي ويندو.
اِهو فيصلو ماورا حسين جي انسٽاگرام تي جاري ڪيل اُن بيان کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي هئي.
ياد رهي ته ڀارت مبينه طور تي آپريشن سندور تحت رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستاني علائقن تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ ڪيترائي بيگناهه شهري شهيد ٿي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.