ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پرينيتي چوپڙا ڀارتي ميڊيا طرفان ڦهلايل ڪوڙين خبرن ۽ پاڪستان مخالف پروپيگنڊا تي سخت ردعمل ڏنو آهي، ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي ميڊيا کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو آهي.
هلندڙ ڏينهن ۾ ڀارتي ميڊيا کي ڪوڙين خبرن ۽ غير ذميواراڻي رپورٽنگ تي نه رڳو عوام پر ادبي ۽ فنڪاراڻي حلقن کان به تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. تازو پرينيتي چوپڙا به ڀارتي ميڊيا جي اهڙي عملن خلاف آواز اٿاريو آهي.
اداڪارا پرينيتي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو:”هن وقت سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار عمل اهو آهي ته بي بنياد، غير تصديق ٿيل ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ڦهلائي پئي وڃي، جيڪا عوام ۾ ڊپ ۽ بيچيني پيدا ڪري رهي آهي.”
هن ڀارتي عوام کي مشورو ڏنو ته:”رڳو آفيشل ذريعن تي ڀروسو ڪيو ۽ ميڊيا ادارن کي اپيل ڪئي ته اهي ذميواريءَ سان رپورٽنگ ڪن.”
پرينيتي چوپڙا کان اڳ، اداڪارا سوناڪشي سنها به ميڊيا جي روش تي سوال اٿاريا هئا.
هن چيو هو:”اسان جا نيوز چينل هاڻ مذاق بڻجي ويا آهن، جيڪي رڳو مبالغي، لڙ ۽ ڊراميبازي ذريعي ماڻهن جي دماغن تي اثر وجهن پيا.”سوناڪشي وڌيڪ چيو:”سچ کي پيش ڪريو، جنگ کي خوفناڪ بڻائي عوام ۾ ڊپ پيدا نه ڪريو. ميڊيا پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪري.”