ڪراچي (ويب ڊيسڪ (پاڪستان خلاف ڀارتي جارحيت ۽ ان جي ناڪاميءَ تي قومي ڪرڪيٽر عامر جمال سوشل ميڊيا تي دلچسپ انداز ۾ ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا تي ٺٺول ڪئي جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان تي ٿيل بزدلاڻي حملي کانپوءِ پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي تي ڀارت کي پوئتي هٽڻو پيو.
انتهاپسند مودي جي جنگي جنون سبب انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جي غلط رپورٽنگ تي عالمي سطح تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
ان صورتحال تي پاڪستاني آل رائونڊر عامر جمال انسٽاگرام تي دلچسپ طنزيه ڪامينٽر شيئر ڪندي لکيو ته ” پاور پلي جو اسڪور ٻڙي۔۔۔ ڇهه آئوٽ، اوپنر رافيل ڊڪ تي آئوٽ۔۔۔ ڏهن اوورن ۾ ميچ ختم“
هن وڌيڪ لکيو ته ” پاڪستانين، شاهينن جي سرسي واضح نظر اچي رهي آهي ، هر ميچ فڪس نه هوندي آهي.“
عامر جمال پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ پاڪستان آهي قائداعظم محمد علي جناح جو تاريخي جملو لکيو ته ”پاڪستان کي دنيا جي ڪا به طاقت ختم نٿي ڪري سگهي.“
ياد رهي ته ڀارت جي فوجي جارحيت ۽ ان کانپوءِ پاڪستان جي ڪامياب جوابي حملي سان نه رڳو ڀارت گوڏا کوڙيا، پر ڀارتي ميڊيا ۽ حڪومت کي پنهنجي چرڏياريندڙ بيانن تي سخت تنقيد جو پڻ منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.