واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ فيس ماسڪ پائڻ اڃا تائين بحث جو موضوع بڻيل آهي، پر هاڻ هڪ نئين تحقيق سامهون آئي آهي جنهن موجب فيس ماسڪ رڳو جراثيم کان بچائڻ لاءِ نه، پر گردن جي دائمي بيماري سڃاڻڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿو.
تحقيق "اي سي ايس سينسرز” نالي جرنل ۾ ڇپيل آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سائنسدانن اهڙو سرجيڪل ماسڪ تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص قسم جا سينسر لڳل آهن، جيڪي انسان جي ساھ جو تجزيو ڪري گردن جي بيماريءَ جو پتو لڳائين ٿا.
اٽلي جي يونيورسٽي آف روم ٽور ورگاٽا سان لاڳاپيل بلڊ پريشر ۽ گردن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر اناليزا نوس هڪ پريس رليز ۾ ٻڌايو ته هي ٽيڪنالاجي گردن جي دائمي بيماريءَ جي مريضن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻتہ اها بيماريءَ ۾ ٿيندڙ تبديلي کي وقت سر سڃاڻي سگهي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ لڳ ڀڳ 35 ملين ماڻهو گردن جي دائمي بيماري ۾ ورتل آهن، ۽ امڪان آهي ته اهو انگ ان کان به وڌيڪ هجي، ڇو ته ڪيترن ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ ئي نه آهي.