لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) انتظاميا فرنچائزز سان رابطو ڪري پرڏيهي رانديگرن کي دبئي ۾ روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ذريعن موجب، ڀارت سان جنگبندي جي اعلان کانپوءِ پي ايس ايل مئنيجمينٽ فرنچائزز کي آگاهه ڪيو آهي ته مقامي رانديگر به ذهني طور تي تيار رهن ۽ امڪان آهي ته سڀني کي اسلام آباد گڏ ٿيڻ لاءِ چيو وڃي.
پي ايس ايل انتظاميا راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ رهيل ميچون ڪرائڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ڏينهن پي ايس ايل اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.