”مستقبل ۾ ڪنهن به حملي کي ”جنگ“ سمجهيو ويندو ۽ ان جو جواب به جنگي انداز ۾ ڏنو ويندو“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ اعليٰ حڪومتي ۽ فوجي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت تي مستقبل ۾ جيڪڏهن ڪو به حملو ٿيو ته ان کي ”جنگ“ سمجهيو ويندو.
اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀارتي رياست يا شهرين جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ به جنگي عمل جي زمري ۾ ايندو ۽ ان جو جواب جنگي انداز ۾ ڏنو ويندو.
واضح رهي ته پاڪستان جي جوابي ڪارروائي کانپو ڀارت ۾ هي اجلاس سڏايو ويو هو، جڏهن ته ٻئي ملڪ هاڻي ترت مڪمل جنگبندي تي راضي ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.