ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ پاڪ فضائيه ڀارت جا پنج جنگي جهاز تباهه ڪيا آهن.
جنگبندي جي اعلان کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي، جنهن ٽي ڏينهن صبر جو مظاهرو ڪيو.
هن چيو ته عالمي برادري به پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڀارت پهلگام واقعي جي عالمي جاچ کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟
بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ۽ پاڪستان پنهنجي زمين تان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي گرفتار ڪيو.
You might also like