اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ موجوده صورتحال تي مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي سياسي مبصرن ۽ عوام ٻنهي پاران ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي، سينيئر تجزيي نگار ارشاد احمد عارف جو چوڻ آهي ته نواز شريف هڪ تجربيڪار سياستدان آهي يا ته هو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نٿو چاهي، يا وري هو مڪمل طور تي سياست کان پاسيرو ٿي ويو آهي، هن چيو ته جڏهن هڪ قيدي سياسي اڳواڻ عمران خان، ڀارت سان ڇڪتاڻ جي نازڪ وقت ۾ ذاتي سياسي اختلافن کي پاسي تي رکي قوم سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، ته پوءِ نواز شريف جي خاموشي جي آخر ڪهڙي مجبوري آهي؟، سينيئر ڪالم نگار دردانه نجم جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ڀارت سان لاڳاپن بابت هميشه هڪ واضح ۽ مستقل موقف رهيو آهي، جنهن سبب کيس ماضيءَ ۾ به سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، نواز شريف لاءِ پنهنجي ئي اصولي موقف خلاف ڳالهائڻ آسان نه آهي، هو هميشه امن ۽ ڀارت سان ڳالهين جي حمايت ڪندو رهيو آهي، موجوده حڪومت جي سوچ ۽ پاليسين سان نواز شريف جي موقف ۾ شايد هڪجهڙائي نه هجي.