ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)واپڊ ارسا ۽ پنجاب هوڏ تي قائم، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وڌي 40 سيڪڙو ٿي وئي،جڏهن ته پنجاب سي جي ۽ ٿل ڪئنال جي کڻت وڌائي ڇڏي آهي،ڊيمن ۾ ذخيرو پڻ جاري آهي،روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن ۽ سرڪاري ذريعن کان مليل معلومات موجب واپڊا،ارسا ۽ پنجاب هوڏ تي قائم رهندي ڊيمن کي ڀرڻ جو سلسلو جاري رکندي غير قانوني تڪراري ڪئنالن ۾ کڻت وڌائي ڇڏي آهي ، پنجاب جي ڪئنالن کي 98 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن کي فقط 30 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي، پنجاب کي رڳو سنڌو درياھ تان 31 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ فراهم ڪيو ويو آهي،چناب درياھ جو سمورو 35 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ جهلم درياھ مان 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب جي ڪئنالن کي ڏنو ويو آهي، پنجاب جهلم درياھ تان 32 هزار ڪئنالن لاءِ کنيو آهي ۽ 15 هزار 700 ڪيوسڪ منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو آهي جنهن ڪري منگلا ڊيم ۾ 1ڏهائي 293 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، ٻي طرف سنڌ درياھ جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 11 هزار 500 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي پر واپڊا فقط 70 هزار ڊائون ۾ ڇڏي 41 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي جمع ڪيو آهي،سنڌ جو خريف داءُ تي لڳائي پنجاب جو ايندڙ ربيع پوکڻ لاءِ پاڻي جمع ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري سمورن ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو 2 ڏهائي 473 ملين ايڪڙ فوٽ تائين پهچي ويو آهي،هوڏانهن پنجاب تڪراري ۽ غيرقانوني ڌاڙيل چشما جهلم فلڊ لنڪ ڪئنال جي کڻت وڌائي 9 هزار 428 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي،ٿل ڪئنال جي کڻت وڌائي 7000 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي،تونسا پنجند فلڊ لنڪ ڪئنال جي کڻت پڻ 6500 ڪئي وئي آهي ، ڊيرا غازي خان ۾ 3500 ڪيوسڪ ۽ مظفر ڳڙھ ڪئنال ۾ به 3500 ڪيوسڪ کنيو پيو وڃي جڏهن ته سي آر بي ۾ 4060 ڪيوسڪ کنيو پيو وڃي جنهن مان 1500 پنجاب ۽ 2500 ڪي پي کي ملندو،جڏهن ته ڪڇي ڪئنال ۾ 600 ڪيوسڪ پاڻي کنيو ويو آهي، هڪ طرف پنجاب جا سمورا واھ تارو تارو وهي رهيا آهن ته ٻي طرف سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪئنال بند آهن جڏهن ته جن کي پاڻي ملي پيو انهن کي 30 کان وٺي 80 سيڪڙو کوٽ سان ڏنو پيو وڃي ، جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وڌي 40 سيڪڙو ٿي ويئي آهي رڳو گڊو بئراج تي پاڻي جي کوٽ 84 سيڪڙو،ڪوٽڙي بئراج تي 58 سيڪڙو ۽ سکر بئراج تي 29 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي،سنڌ ۾ بدترين پاڻي کوٽ باوجود سنڌ سرڪار مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ آبادگار تنظيمن توڙي سياسي پارٽين به چپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي، هوڏانهن پنجاب جي ڪئنالن کي سمورو پاڻي کنڌي تي ڏنو پيو وڃي ۽ سنڌ کي چشما بئراج وٽان پاڻي ڏنو پيو وڃي جيڪو گڊو تائين پهچندي چوري ٿي وڃي ٿو ۽ لائين لاسز جي ور چڙهي وڃي ٿو، سنڌ کي گڊو بئراج تي 80 هزار ڪيوسڪ ڏيڻ بجائي چشما کان ڏنو پيو وڃي ٻي طرف چناب جا وهڪرا بهتر هجڻ ۽ پنجند وٽ پاڻي موجود هجڻ باوجود سنڌ کي هڪ قطرو به نه پيو ڏنو وڃي، ٻي طرف آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙي جي آفيس وڃي ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هي موجود نه هو، جڏهن کيس ڪال ڪئي ويئي ته هن ڪال اٽينڊ ڪرڻ ۽ پاڻي بابت موقف ڏيڻ لاءِڪيل وائيس ميسيج جو جواب ڏيڻ به مناسب نه سمجهو.