جنگ رڳو تباهي ڏيندي، امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

ھميشھ جيان ھِن ڀيري به دفعي ڀارت پاران اڳرائي ڪندي پاڪستان تي مختلف جڳهن تي ڪيترائي حملا ڪيا آھن جنھن ۾31 ماڻھو شھيد ٿيڻ جا اطلاع آھن خير اھڙي نازڪ صورتحال ۾ اسان پاڪستانين کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ڇو ته جنگ مذاق ناھي ھوندي نه وري ان تي مذاق مستي کِل ڀوڳ ڪرڻ جو ڪو وقت آھي حقيقت آھي ته جنگ ٻنھي ملڪن جي لاءِ بھتر ناھي پر افسوس ته ڀارت ھميشھ غلط فھمي ۽ انا پرستي سبب پاڪستان تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي جيڪا اقوام متحده قانون جي ڀڃڪڙي پڻ آھي جنگ جنھن به ملڪ وچ ۾ لڳي آھي يا جنھن زمين تي آھي انھن ملڪن کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آھي مثال توھان جي سامھون آھن جيئن عراق ، شام ، افغانستان ، لبيا ۽ ھاڻي فلسطين جي صورتحال اسان سڀني جي سامھون آھي جنھن کي ڪير به وساري نٿو سگھي خوشحال سرسبز ملڪن ۾ جنگ کان پوءِ انھن ساڳين ملڪن ۾ تباھي بربادي ٿي وئي آھي ٻار يتيم بڻجي ماءُ پيءُ جي شفقت کان محروم بڻجي ويندا آھن نياڻيون بيواھ بڻجي پنھنجي ورن کان ڌار ٿي وينديون آھن وڏي تعداد ۾ معذور بڻجي ويندا آھن.

گڏيل قومون جي ھڪ رپورٽ مطابق عراق جي جنگ کان پوءِ اتي 60 لک ماڻهو بي گھر بڻجي ويا شام ۾ جنگ کان پوءِ 5 لک کان وڌيڪ ماڻھو زندگيءَ تان ھٿ ڌوئي ويٺا ۽ اڄ ڪلهه فلسطين غزه جي حالتون اسان ۽ توھان جي سامھون آھن جنگ صرف بم ۽ گولي ناھي کڻي ايندي پر جنگ بُک بيروزگاري بيماري نفسياتي عذاب ۽ لاوارث نسلن کي کڻي ايندي آھي جيڪي زخم جنگ ڏيندي آھي اُھي زخم ڪڏھن ختم ٿيڻ جو نالو نشان نه ھوندا آھن. جنگ جا زخم سدائين رھندا آھن جنگ ڪا مذاق مستي جو نالو ناھي ھي نسلن جي قبرن کي ڀرڻ جو نالو آھي جنگ ننڍي ھجي يا وڏي پر خطرناڪ ھوندي آھي جيڪا صرف تباھي آڻيندي آھي. پھرين جنگ عظيم ۾ تقريبن 1 ڪروڙ 60 لک ماڻهو مارجي ويا ھئا ٻئي جنگ عظيم ۾ تقريبن 7 ڪروڙ ماڻھو مارجي ويا ھئا جنھن ۾ اڪثريت عام ماڻهن شھرين جي ھئي ايڏو وڏو نقصان ٿيڻ باوجود اسان جي پاڙيسري ملڪ اھڙن واقعن مان عبرت حاصل نه ڪري سگھيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ ھوندي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ لاءِ بي چين لڳو پيو آھي ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽمي ڌماڪن ڪجهه منٽن ۾ لکين ماڻھن کي ماري ڇڏيو وڏي ڳالهه  اڄ به اتي انھن شھرن ۾ بيمارن ۽ معذورن جي صورت ۾ جنگ جا زخم موجود آھن. سو ياد رکو جنگ ۾ ڪير به ڪاميابي حاصل نٿو ڪري صرف لاش برباد نسل يتيم ٻار ۽ سرسبز زمينون بنجر ٿينديون آھن جيڪي نقصان سدائين رھندا آھن. ڀارت ۽ پاڪستان ايٽمي قوتون آھن الله نه ڪري جنگ لڳي ٿي ته صدين تائين سور رھندا ھڪ ڌماڪي سان شھرن جا شھر ويران بڻجي تباھ برباد ٿي ويندا جيڪي گھڻن سالن تائين سڌي رستي تي نه اچي سگھندا

افسوس جي ڳالھه آھي ته موجوده نازڪ صورتحال ۾ ڪجهه سوشل ميڊيا جا دانشور موجوده خطرناڪ صورتحال ۾ جنگ تي مذاق مستي کِل ڀوڳ ڪري پنھنجو وقت ضايع ڪري رھيا آھن اھڙن نوجوانن فيس بُڪي دانشورن کي سنجيدگي سان سوچي سمجھداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو سسٽم سان ڪيترا به اختلاف ھجن پر موجوده حالتن ۾ صرف ئي صرف پاڪستان زنده آباد جو نعرو لڳائي پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ جو وقت آھي موجوده نازڪ صورتحال ۾ سوشل ميڊيا سميت ايڪس سروس تي ڪا به ڪمزور پوسٽ يا مواد شيئر نه ڪرڻ گھرجي جنھن سان ملڪي سالميت کي خطرو ٿئي يا نقصان ٿي سگھي باقي حقيقت آھي ته جنگ ٻنھي ملڪن جي مفادن ۾ ناھي ھر مسئلي جو حل صرف ۽ صرف ڳالھيون آھن ڪنھن به جڳھه تي ٽيبل ٽاڪ ڪري پُرامن طريقي سان مسئلي کي حل ڪيو وڃي ته ٻنھي ملڪن جي لاءِ بھتر ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.