ڀارت اسرائيل جا ٺاھيل ڊرونز استعمال ڪرڻ لڳو؟

تحرير: روحان احمد، عماد خالق

پاڪستان ۽ ان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي علائقن تي هندستان جي ميزائل حملي جي اٽڪل 36 ڪلاڪن کان پوءِ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار ٻيھر ان وقت وڌيو، جڏهن  ھندوستان طرفان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ دراندازي جي ڪوشش  دوران پاڪستاني فوج ڪيترائي ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.خميس ڏينهن پاڪستاني فوج پاران جاري ڪيل  بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ھن وقت ائين سافٽ ِڪل(ٽيڪنيڪي طريقي سان ) ۽ ھارڊ ڪِل ( ھٿيارن ذريعي) سان 25 اسرائيلي جا ٺھيل ھيروپ ڊرونز ماريا آھن.

ان کان اڳ  پاڪستاني فوجي ترجمان جو چوڻ هو ته "ھندوستان ٻيهر پاڪستاني سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي، لاهور، گوجرانوالھ، چڪوال، اٽڪ، راولپنڊي، بهاولپور، ميانو ڇور۽ ڪراچي ڏانهن ڊرون موڪليا، جيڪي تباهه ڪيا ويا.”ٻئي طرف پاڪستان پاران ڊرون پاران ھندستان تي درونز سان دراندازي ۽ ڊرونز ڪيرائڻ جي دعويٰ،کانپوءِ هندستان جو چوڻ آھي تھ  هي ڪارروائي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات پاڪستان جي هندستاني تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش جو جواب ھو.هندستاني دفاع واري وزارت پاران خميس ڏينھن جاري ڪيل بيان ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته 7-8 مئي جي وچ واري رات، پاڪستان ڊرون ۽ ميزائلن جي مدد سان اتر ۽ اولهه هندستان ۾ ڪيترن ئي فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هندستان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جن هنڌن تي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي انهن ۾ اونتي پور، بٿنڊا، چندي ڳڙھ.،نال، ڦالودي، اترلائي ۽ ڀوُج شامل آهن.بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته "پاڪستاني حملي جي جواب ۾، هندستاني فوج پاڪستان ۾ هوائي دفاع جي ريڊار ۽ دفاعي نظام کي نشانو بڻايو ۽ هندستان جو جواب ساڳئي شعبي ۾ پاڪستان جي ڪارروائي جي برابر شدت جو جواب هو.”هندستان اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڪارروائي ۾ لاهور ۾ موجود هڪ ايئر ڊفينس سسٽم ناڪارا بڻايو ويو.پاڪستاني فوج يا حڪومت طرفان، تاحال هندستاني دعوائن  تي ڪو ردعمل نھ آيو آھي. جڏهن ته، خميس ڏينهن منجهند، هڪ پاڪستاني فوجي ترجمان دعويٰ ڪئي ته لاهور انهن علائقن ۾ شامل هو جتي هندستاني ڊرون ڪيرايا ويا.

 

هروپ ڊرون ڇا آهي؟  ھروپ اصل ۾ هڪ اسرائيلي ڊرون آهي جيڪو اسرائيل ايئرو اسپيس انڊسٽريز  (IAI) جي ايم بي ٽي مزائل ڊرونز پاران ٺاهيو آهي.IAI ويب سائيٽ تي موجود معلومات موجب، هروپ ھاءِ ليول ھدفن جھڙوڪ جنگي ٻيڙين، ڪمانڊ پوسٽنس، سپلاءِ ڊپو، ٽينڪنس ۽ هوائي دفاعي نظامن  کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.IAI جي مطابق، هروپ ڊرون تقريبن نو ڪلاڪن تائين ڪنهن به علائقي ۾ پنهنجي هدف جو پيڇوڪرڻ ۽ نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. "هروپ  ۾ گائيڊيڊ ويپن سسٽم لڳل ھوندو آھي جنھن جو مشن ان  جو آپريٽر ڪنٽرول ڪندو آھي ۽ ضرورت پوڻ تي مشن کي   ختم بھ ڪري سگهجي ٿو.”

ويپن سسٽم تي ريسرچ ڪندڙ اداري، آٽوميٽيڊ ڊيسشن ريسرچ موجب، هروپ ڊرون جي رفتار 225 ناٽس آهي ۽ اهو پنهنجي آپريٽر کان اٽڪل ھڪ ھزار ڪلوميٽر تائين اڏامي سگهي ٿو، جڏهن ته اهو 23 ڪلوگرام تائين ڌماڪيدار مواد کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هروپ ڊرون کي لانچر جي مدد سان هوا ۾ ڪبو آهي. ان ۾ اليڪٽرو آپٽيڪل سينسرز لڳل ھوندا آھن.جيڪي ڪنهن به ‘حرڪت ڪندڙ ٽارگيٽ’ جي نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ ريڊار کي بند ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.ياد رکڻ گهرجي ته ھندستان ڪيترن ئي سالن کان اسرائيل کان دفاعي شيون خريد ڪري رهيو آهي.رائٽرز جي مطابق، هندستان گذريل ڏهاڪي دوران اسرائيل کان 2 ارب 90 ڪروڙ  ڊالر جو فوجي سامان خريد ڪيو آهي، جنهن ۾ ريڊار، جاسوسي سامان، ڊرون ۽ ميزائل شامل آهن.

ريڊار تي ڊرون کي ڳولڻ ڏکيو ڇو آهي؟ بي بي سي سان ڳالهائيندي، ايرووناٽيڪل انجنيئرنگ ماهر ۽ پاڪستان ايئر فورس جي اڳوڻي ايئر وائيس مارشل اسد اڪرام چيو ته اهڙن ننڍڙن ڊرونز کي ريڊار تي ڳولڻ يقيني طور تي ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي وڌيڪ اوچائي تي نه اڏامندا آهن ۽ انهن ۾ ريڊار کي جام ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هوندي آهي.هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جهڙن ملڪن کي به اهڙن ننڍن ڊرونز کي روڪڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.

هن چيو ته، "اهو نٿو چئي سگهجي ته اهي ڊرون ريڊار تي مڪمل طور تي نظر نه ٿا اچن،يا مڪمل طور تي نظر اچن ٿا ۽ انهن کي ڪيرائڻ لاءِ، صورتحال جي مطابق مختلف فوجي حڪمت عمليون اختيار ڪيون وينديون آهن.” "جيڪڏهن  اسان اڄ جي واقعي بابت ڳالهه ڪريون تھ، صرف ان وقت زمين تي موجود اختياريون ئي ان بابت بهتر ٻڌائي سگهن ٿا ته ھنن انهن کي مارڻ لاءِ ڪهڙي فوجي حڪمت عملي اختيار ڪئي”.ھندوستان  پاران پاڪستان ڏانهن ڊرون موڪلڻ جو مقصد ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ڊاڪٽر عادل سلطان، جيڪو پاڪستان ايئر فورس جو رٽائرڊ ايئر ڪموڊور ۽ اسلام آباد ۾ ايئر يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي، چوي ٿو ته سطحي طور تي، "ڊرون موڪلڻ ۾ هندستان جو مقصد پاڪستان کي پريشان ڪرڻ يا عوام ۾ خوف پيدا ڪرڻ آهي.”

بي بي سي اردو کي ٻڌائيندي ھن جو چوڻ ھو  ته پاڪستان کي ڊرونز سان گهڻو نقصان نه پهتو آهي ۽ ‘هندستان جو واحد مقصد انهن حملن سان پنهنجي ماڻهن کي خوش ڪرڻ آهي.’ائير مارشل (ر) اسد اڪرام چوڻ ھو ته، ” لڳي ٿو ته هندستان ڊرون پاڪستان جي فوجي تنصيبات جي نگراني لاءِ موڪليا آهن.” "انهن ڊرونز جو مقصد پاڪستان جي ريڊار سسٽم ۽ هوائي دفاعي نظام جا نشان حاصل ڪرڻ بھ ٿي سگهي ٿو.” ياد رهي ته پاڪستان دعويٰ ڪئي آهي ته هن رافيل جهازن سميت پنج هندستاني جنگي جهاز ۽ هڪ ڊرون ڪيرايو آهي. ڊاڪٽر عادل سلطان، ان جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته هندستان سمجهي ويو آهي ته ‘اهو پنهنجي مهانگي جنگي مشينري سان پاڪستان تي حملو نٿو ڪري سگهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته هو هاڻي ڊرون استعمال ڪري رهيو آهي.’

سوشل ميڊيا تي اهڙيون خبرون به گردش ڪري رهيون هيون ته ھندوستان ڊرون استعمال ڪندي پاڪستان جي هوائي دفاعي نظام کي نشانو بڻايو آهي. جڏهن ته،ڊاڪٽر عادل سلطان دعويٰ ڪري ٿو ته ‘ھندوستان پاران موڪليل ڊرون ڪنهن به هوائي دفاعي نظام کي تباهه ڪرڻ جي قابل نه آهن.’هن چيو ته، "اهڙن ڊرونز ۾ ٻه کان ٽي ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو نصب ڪيو ويندو آهي ۽ اهي ڪٿي به ڪري سگهن ٿا ۽ ڦاٽي سگهن ٿا.” انهن ۾ روٽر ۽ بليڊ پڻ لڳل آهن، جيڪي نقصان پهچائي سگهن ٿا.

ڊرون نه رڳو جديد جنگ ۾ دشمن تي حملو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن، پر انهن کي جاسوسي لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.ڊاڪٽر عادل سلطان جو چوڻ آهي ته ڊرونز جو بنيادي مقصد جاسوسي ڪرڻ ھوندو آهي، پر هندستان پاران موڪليل ڊرون مان اھو ظاهر نٿو ٿئي، اھي  اي آءَ، سان ھلندڙ نٿا لڳن ۽ نه ئي اهو لڳي ٿو ته انهن ۾ ڪيمرائون لڳل نظر آيون.”مون کي نه ٿو لڳي ته اهي ڊرون ريئل ٽام ۾ ڪا به معلومات موڪلڻ جي قابل آهن.”

ڊرون استعمال ڪندي هندستان جي پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ۽ پاڪستاني فوج پاران انهن کي ڪيرائڻ بابت بي بي سي جي نمائندي نياز فاروقي سان ڳالهائيندي، اڳوڻي هندستاني فوج جي برگيڊيئر راهول ڀونسلي چيو ته، "في الحال اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اهي ڊرون هٿيارن يا ڌماڪيدار مادو سان ليس هئا يا صرف نگراني وارا ڊرون هئا.“ ھن چيو تھ "ھندوستان ڊرون کي نگراني لاءِ موڪليو هوندو، پاڪستان جي مستقبل جي رٿابندي ڄاڻڻ لاءِ، يا ھندوستان حملن سبب ٿيندڙ نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ، موڪليا ھوندا” .هو چوي ٿو ته جيئن  پاڪستاني فوج رپورٽ ڪئي آهي ته انهن ڊرونن کي ڪيرائڻ سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي شهري زخمي ٿيا، اهو واضح ناهي ته اهي ڊرون هٿيارن سان ليس هئا يا اهو ڊرون جي گولا بارود جي ڪري ٿيو.هو چوي ٿو ته جيڪڏهن نگراني ڪندڙ ڊرون ڪري پون ٿا ته انهن جو زمين تي گهڻو اثر نه پوندو، پر جنهن رفتار سان اهي ڪري پون ٿا ان سان جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.