7 مئي 2025ع تي ڀارت "آپريشن سندور” جي نالي سان پاڪستان جي علائقي تي هوائي حملو ڪري نئون باب کوليو، جنهن تحت بهاولپور سميت ڪيترائي علائقا نشانو بڻايا ويا. هي حملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ غير اعلانيه جنگ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.هن تڪرار جو پسمنظر 23 اپريل تي ڀارت جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرد حملي سان جُڙيل آهي، جنهن ۾ 27 سياح مارجي ويا، جن مان اڪثريت هندو هئي. "دي ريزسٽنس فرنٽ” نالي گروپ انهيءَ حملي جي ذميواري قبول ڪئي، جنهن کانپوءِ ڀارت بنا ڪنهن جاچ يا ثبوت جي، الزام پاڪستان تي لڳايو. ڀارت جو رويو هن وقت انتهائي جارحاڻو لڳي ٿو، ۽ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هو پنهنجي حد کان به اڳتي وڃڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. سندس حملا انهيءَ ذهني حالت جو پڌرو اظهار آهن.
ڀارتي حڪومت جي دعويٰ آهي ته انهن حملن ۾ 70 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا، 60 زخمي ٿيا ۽ هڪ پاڪستاني JF-17 جهاز کي تباهه ڪيو ويو. ڀارت جو چوڻ آهي ته حملا رڳو دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن تي ڪيا ويا آهن، ۽ ڪنهن به شهري کي نشانو نه بڻايو ويو.ٻئي طرف، پاڪستان جي سرڪاري انگن اکرن موجب ڀارتي حملن ۾ 26 بيگناهه شهري جن ۾ ٻار به شامل آهن، شهيد ٿيا، جڏهن ته 46 زخمي ٿيا. پاڪستاني فوج موجب، ڀارتي 5 رافيل جهاز ڪيرايا ويا ۽ هڪ بريگيڊ هيڊڪوارٽر سميت ڪيترين ئي چيڪ پوسٽن کي تباهه ڪيو ويو. پاڪستان ڀارتي دعوائن کي بي بنياد قرار ڏئي، انهن کي عام آبادي تي حملو سڏي مذمت ڪئي آهي.
ڀارت طرفان "آپريشن سندور” تحت پاڪستان جي اندر هوائي حملن جو سلسلو جاري آهي، جن جو مقصد مبينا طور تي دهشتگردي جا اڏا ٻڌائڻ آهي. ڀارت جي دعويٰ آهي ته حملا رڳو فوجي هدف تي آهن، پر پاڪستان انهن کي شهري آبادي تي حملو قرار ڏئي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي سڏي ٿو. پاڪستان "نيو ڪانسيپٽ آف وار فائيٽنگ” جي اصولن تحت جديد ٽيڪنالاجي، برقي جنگ (الڪٽرانڪ وار فيئر) ۽ چين جي مدد سان پنهنجي هوائي دفاع کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. پاڪستاني فوج ڊرونز ۽ سائبر وار ذريعي ڀارتي فوجي نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي.
ڀارت، "ڪولڊ اسٽارٽ” حڪمت عملي تحت، تيز رفتار زميني حملا ڪري سگهي ٿو. ان سان گڏ، ڀارتي فضائيه ۽ بحريه پاڪستان جي اهم فوجي ۽ انفرااسٽرڪچر کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. جڏهن ته پاڪستان، پنهنجي "پٿر جو جواب پٿر سان” واري پاليسي تحت، ڀارتي سرحدي علائقن ۾ سرجيڪل اسٽرايڪس ڪري سگهي ٿو. پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي، ۽ جيڪڏهن ڀارت پنهنجا حملا جاري رکيا ته ممڪن آهي ته پاڪستان، عوامي دٻاءَ ۾ اچي، پنهنجن ميزائل نظامن کي موثر طريقي سان استعمال ڪري. جيڪڏهن ڀارت پاڪستان تي سڌي ريت حملو ڪري ٿو ته پاڪستان کي پنهنجي دفاع ۾ جوابي ڪارروائي ڪرڻ جو حق آهي، جيڪو عالمي قانونن جي تحت جائز آهي.پاڪستان جي حڪومتي پاليسي ۽ فوجي قيادت جا بيان واضح ڪن ٿا ته:”پاڪستان جنگ نٿو چاهي، پر ڀارت کي هر اڳرائي جو موثر ۽ سخت جواب ضرور ڏنو ويندو.”
عالمي برادري، خاص ڪري گڏيل قومون، چين، روس ۽ آمريڪا ٻنهي ملڪن تي زور ڏئي رهيا آهن ته هو صبر ۽ حوصلي سان ڪم وٺن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي تڪرار جو حل ڪڍن. پاڪستان، او آءِ سي، ترڪي ۽ ٻين ساٿارين ملڪن جي مدد سان ڀارت خلاف سفارتي محاذ تي متحرڪ آهي.موجوده تڪرار خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي. ٻنهي ملڪن وٽ ايٽمي هٿيار آهن، ۽ ڪجهه نادان دوستن جي جذباتي مشورن سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. شدت پسندي جي سوچ هر پاسي موجود آهي، جيڪا تڪرار کي باهه ڏئي سگهي ٿي.جنگ جي صورت ۾ نه رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جا لکين ماڻهو متاثر ٿيندا، پر پورو ڏکڻ ايشيا اقتصادي، انساني ۽ امن جي لحاظ کان زوال جو شڪار ٿي سگهي ٿا.