عوامي انقلابن جو مختصر جائزو۔

تحرير: امجد دراني

عوامي انقلابن جي تاريخ انساني شعور، آزادي جي تڙپ، ۽ سياسي تبديلين جي سنهري داستان سان ڀريل آهي. لڳ ڀڳ گذريل چار سئو سالن دوران، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙا انقلاب برپا ٿيا، جن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو، غلامي جو خاتمو آندو ۽ جمهوريت، آزادي ۽ برابري جا بنياد رکيا. 17هين صدي: انگلينڊ جي عوامي انقلابانگريزي خانگي جنگ (1642–1651): انگلينڊ ۾ بادشاهت جي طاقت جي خلاف پارليامينٽ ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ خوني جنگ ڇڙي پئي. راجا چارلس اول جي بيجا اختيارن ۽ مالياتي بوجهن خلاف احتجاج وڌي ويو. جنگ جي نتيجي ۾ چارلس اول کي ڦاسي ڏني وئي ۽ ڪجهه وقت لاءِ انگلينڊ "ڪامنويلٿ” جي صورت ۾ جمهوريت جو تجربو ڏٺو، جنهن جي اڳواڻي اوليور ڪرومويل ڪئي ۽ بادشاهت جي مطلق العنان قوت کي پهريون ڀيرو وڏي پئماني تي چئلينج ڪيو ويو.

18هين صدي: آمريڪا ۽ فرانس جا عظيم انقلاب

آمريڪين انقلاب (1775–1783): آمريڪا جي 13 نوآبادين برطانيا جي راڄ ۽ ٽيڪسن خلاف بغاوت ڪئي. "آزادگي جو اعلان” (1776) ذريعي آزادي جو اعلان ٿيو، ۽ دنيا جو پهريون جديد جمهوريت وارو ملڪ وجود ۾ آيو.فرينچ انقلاب (1789–1799): فرانس ۾ عوامي بدحالي، سماجي ناانصافي، ۽ بادشاھي ظلم جي خلاف هڪ عظيم انقلاب اٿيو. بيسٽائل جيل تي حملو، بادشاهه لوئي 16 جي ڦاسي، ۽ انساني حقن جي اعلان سان، دنيا جي سياسي نقشو بدلجي ويو. جمهوريت، آزادي، ۽ برابري جا اصول عالمي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ لڳا.

19هين صدي: آزادي ۽ قوم پرستي جي تحريڪون

هٽي انقلاب (1791–1804): هٽي جا غلام فرانس جي حڪمراني خلاف بغاوت ڪئي. هٽي دنيا جو پهريون آزاد ڪارو عوامي ملڪ بڻجي ويو. يورپ جا 1848 جا انقلاب: "قومن جي بهار” نالي سان سڃاتل هن دور ۾ فرانس، اٽلي، جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ آزادي، جمهوري حقن ۽ قومي اتحاد لاءِ بغاوتون ٿيون. لاطيني آمريڪا جون تحريڪون: سيمون بوليوار ۽ ٻين اڳواڻن اسپين جي نوآباديتي حڪومتن خلاف بغاوت ڪري لاطيني آمريڪا کي آزاد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قوم پرستي ۽ خودمختياري جا تصور عام ٿيا.

20هين صدي: انقلابن جي نئين لهر

روسي انقلاب (1917): روس ۾ زارزم جي ظلم ۽ جنگ جي تباھين خلاف عوام اٿي پيو. بالشويڪ پارٽي جي اڳواڻي ۾ انقلاب آيو، سوويت يونين جو بنياد پيو.چيني انقلاب (1949): ماو زيدونگ جي قيادت ۾ چيني عوام قومي حڪومت جي خاتمي بعد ڪميونسٽ چين جو قيام ڪيو.مصر جو انقلاب (1952): جمال عبد الناصر جي اڳواڻي ۾ مصري فوج بادشاهت جو خاتمو ڪيو ۽ جمهوريه مصر جو بنياد رکيو.ايراني انقلاب (1979): شاهه جي آمريت خلاف هڪ وڏي پئماني جي اسلامي تحريڪ اڀري، جنهن ايران ۾ اسلامي جمهوريه جو قيام آندو.ڀارت جي آزادي تحريڪ (1947): مهاتما گانڌي جي عدم تشدد واري تحريڪ ۽ عوامي جدوجهد انگريزي راڄ کي ختم ڪري ڀارت کي آزاد ملڪ بڻايو.ڏکڻ آفريڪا اپارتھائيڊ جو خاتمو (1994): نيلسن منڊيلا جي اڳواڻي ۾ نسل پرستي جي خلاف تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ هڪ آزاد، جمهوري ڏکڻ آفريڪا وجود ۾ آيو.سياسي نظامن ۾ وڏيون تبديليون، نون قومن جي قيام، ۽ انساني حقن جي اڳڀرائي ٿي.21هين صدي: عرب بهار ۽ نيون تحريڪون

تيونس (2010): نوجوان محمد بوعزيزي جي خودسوزي بعد عوامي احتجاجن ڊڪٽيٽر جي حڪومت جو خاتمو آندو. مصر (2011): حسني مبارڪ جي 30 سالن جي حڪمراني عوامي احتجاجن سبب ختم ٿي.ليبيا، يمن، شام: عرب دنيا ۾ جمهوريت جي لاءِ هلندڙ تحريڪن حڪومتن کي چئلينج ڪيو، جيتوڻيڪ ڪجهه هنڌ نتيجا انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيا. مطلب عرب دنيا ۾ سياسي شعور جي واڌ ۽ حڪومتن جي اڻٽر تبديلي. گذريل چار سئو سالن ۾ عوامي انقلابن دنيا جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي کي هڪ نئين شڪل ڏني آهي. جيتوڻيڪ هر انقلاب جا نتيجا هڪجهڙا نه رهيا آهن، پر مجموعي طور تي انهن انسان جي آزادي، برابري ۽ حقن جي تحريڪ کي وڌايو آهي. هيءَ سفر اڄ به جاري آهي.تاريخ جي انهن تجربن مان سکندي، انسانيت جي اڳيان سوال بيٺل آهي: ڇا ايندڙ انقلاب وڌيڪ پرامن ۽ هاڪاري تبديليون آڻيندا؟ وقت ئي هن جو فيصلو ڪندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.