گلوبل ٽيررازم مطابق پاڪستان دهشتگردي کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٻي نمبر تي آهي 2024 ۾ پاڪستان ۾ 1099 دهشتگرد حملا ڪيا ويا صرف مارچ 2025 کي ڏسجي ته 105 دهشتگرد حملا ڪيا ويا۔ پاڪستان جو چٽو موقف رهيو آهي مٿن ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن ٽي ٽي پي پاڪستان ۽ بي ايل اي ملوث رهيون آهن پر انهن ٻنهي تنظيمن جي سر تي انڊيا جو آشرواد آهي۔ بلوچستان مان انڊين جاسوس ڪلبوشن جي گرفتاري ان جو ثبوت آهي۔ الزامن کان وٺي حملن تائين ٿيندڙ پيش رفت ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻي کان اڃا وڌيڪ پري ڪري ڇڏيو آهي۔
دنيا تيزي سان تبديل ٿيندي پئي وڃي هر شيءَ تبديلي جا مرحلا طئي ڪندي جديد صورت اختيار ڪندي پئي وڃي۔ جديد دور ۾ زندگي گذارڻ جا اصول به تبديل ٿي ويا آهن ايتري تائين جو دوستون دشمنيون به جديد انداز جون محتاج ٿي ويون آهن۔ ائين کڻي چئجي دنيا هاڻي جديد ٽيڪنالاجي جي محتاج ٿي وئي آهي۔ دور حاضر ۾ جنگن جا اصول به تبديل ٿي ويا آهن۔ هاڻي گهڻو ڪري سڌيون جنگيون گهٽ وڙهيون وڃن ٿيون پر هڪ ٻي جي خلاف سازشون گهٽ نه پيون ٿين۔
گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وٺي هندستان پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي۔ ڪرڪيٽ جو ميدان هجي يا سفارتي محاذ انڊيا پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ هوڏ ۾ تر برابر به تبديلي نه آندي آهي بلوچستان خيبرپختونخواه ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا پيرا کنيا وڃن ته ان جي پويان هندستان جو تعلق نظر ايندو پر هندستان پڪيون شاهديون هجڻ باوجود به اهو مڃڻ کان انڪاري آهي ته انهن دهشتگرد ڪاررواين خلاف سندس هٿ آهن. پر ان جي باوجود جڏهن به هندستان ۾ ڪو واقعو ٿيندو آهي ته ان جو الزام وري سنڌو سنئون پاڪستان مٿان مڙهي وڏي واويلا سان گڏ گدڙ ڀڀڪيون شروع ٿي وينديون آهن۔ فوجي مورچن طرف وڌڻ شروع ٿيندا آهن جنگ جو طبل وڄايو ويندو آهي۔ بي جي پي خاص طور مودي سرڪار ته حد ڪري ڇڏي جڏهن به ڪنهن رياست ۾ اليڪشن ٿيندي آهي مودي حب الوطني ۽ هندو ڌرم جو ڪارڊ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي۔ هندستان جي پارليامنٽ ٿيل حملي کان وٺي پهلگام حملي تائين هندستان پنهنجي فوج کي پاڪستان تي حملي لاءِ هميشه تيار بيهاريو آهي۔
اسان سڀني کي ياد آهي 2019 ۾ به ايئن ٿيو پلواما حملي جو جواز بڻائي هندستان بالاڪوٽ تي حملو ڪيو نتيجو ڪهڙو نڪتو اهو به سڀ کي ياد آهي اڀي نندن کي گرفتار ڪري چانھه پياري واپس ڪيو ويو۔ هاڻي به ساڳي طرح 22 اپريل تي پهلگام تي ٿيل حملي کان پوءِ جنگ جون ڳالهيون ڪندي ڪندي نيٺ آپريشن سندور جي نالي پاڪستان جي ڇهن هنڌن تي حملا ڪري عام شهرين کي نشانو بڻايو ۽ پنهنجا پنج جهاز ۽ ٽي ڊرون پاڪ فوج هٿان ڪيرائي پاڻ کي لڳ ڀڳ ساڍا نو ارب جو پنهنجو نقصان ڪرائي ويٺو۔ هندستان دعويٰ ڪئي آهي ته بهاولپور ۽ مريدڪي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اهم مرڪزن کي نشانو بڻائي پهلکام واقعي ۾ ملوث تنظيم جي تربيت گاهن کي تباهه ڪيو آهي پر حقيقت ان جي برعڪس هڪ مسجدن ۽ عام گهرن کي نشانو بڻايو۔
هاڻي سوچڻ جي ڳالھه اها آهي جو پاڪستان توڙي هندستان ايٽمي ملڪ آهن ٻنهي ملڪن پنهنجي عوام کي بکيو ۽ قرضي رکي به جديد ترين ڳرا هٿيار، جديد جنگي جهاز ميزائيل ٽيڪنالاجي توڙي ايٽم بم جهڙا خطرناڪ ترين هٿيار هڪ ٻي کي تباهه ڪرڻ خاطر تيار ڪري رکيون ويٺا آهن۔ جڏهن ته هٿيارن کان وڌيڪ عوام جي سهولتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي۔ هاڻوڪن حالتن کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻنهي ملڪن لاءِ جنگ ڪنهن به صورت ڪارگر ناهي۔ هڪ ڏينهن جي جنگ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي اسٽاڪ ايڪسچينجز ڪريش ڪري ويون۔ ڪرنسين جا اگهه ڪري پيا سرمايا ڪاري کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو۔
جيڪڏهن اها جنگ طول پڪڙي ورتو ته ٻنهي ملڪن کي تباهي کان ڪير به بچائي نه سگهندو۔ جنگ ۾ جتي انساني جانين جو گهڻو نقصان ٿيندو اتي معيشت به تباھ ٿي ويندي غربت ۾ اضافو ٿيندو دهشتگرد ڪارروايون وڌي وينديون۔ لڳي نه ٿو ته پاڪستان ۽ هندستان جنگ کي طول ڏيندا هڪ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن کي پنهنجي حيثيت ۽ طاقت جي خبر پئجي وئي ته ٻئي ڪيتري پاڻي ۾ آهن بهرحال هڪ ڏينهن جي جنگ ٻنهي ملڪن کي گهڻو ڪجهھ سيکاري ڇڏيو۔ پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ هندستان تي حملو نه ڪيو پر پنهنجي دفاع جو جنهن انداز سان مظاهرو ڪيو اهو هندستان کي ياد رهندو ته جنهن رافيل تي کيس فخر هو ان فخر کي پاڪستان مٽي ۾ ملائي ڇڏيو
گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وٺي هندستان پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي۔ ڪرڪيٽ جو ميدان هجي يا سفارتي محاذ انڊيا پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ هوڏ ۾ تر برابر به تبديلي نه آندي آهي بلوچستان خيبرپختونخواه ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا پيرا کنيا وڃن ته ان جي پويان هندستان جو تعلق نظر ايندو پر هندستان پڪيون شاهديون هجڻ باوجود به اهو مڃڻ کان انڪاري آهي ته انهن دهشتگرد ڪاررواين خلاف سندس هٿ آهن. پر ان جي باوجود جڏهن به هندستان ۾ ڪو واقعو ٿيندو آهي ته ان جو الزام وري سنڌو سنئون پاڪستان مٿان مڙهي وڏي واويلا سان گڏ گدڙ ڀڀڪيون شروع ٿي وينديون آهن۔