پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: سفارتڪاري سان پرامن حل ڳولي سگهجي ٿو

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

دنيا هن وقت جنگي صورتحال کان تنگ اچي چڪي آھي پر جي چئبو آ تنگ آمد جنگ آمد ته پوءِ وري به اهڙي حڪمتي عملي اختيار ڪجي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿين.اهو ڪيئن ممڪن آھي؟ ان کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟ يا وري سوال اهو آھي ته انهن پاڙيسري جنگين کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ان جا ملڪ اندر ملڪ کان ٻاهر پاڙيسري سرحدن تائين ۽ بين الاقوامي صورت ۾ ڪهڙا اثر پون ٿا تنهن تي غور ڪرڻ، انهن تي ضابطو آڻڻ ۽ انهيءَ صورت ۾ صورتحال کي پنهنجي حق ۾ آڻڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺجن.

اسان جي ملڪي سفيرن ۽ حڪمرانن ۽ سياسي قيادت يا ڌرين کي کپي ته وڌ کان وڌ  گڏيل قومن، آمريڪا، روس، عرب دنيا ۽ ٻين سڀني ملڪن سان رابطو ڪري، ڀارت کي تڪرار وڌائڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ٻئي طرف، سڀئي سياسي پارٽيون هوشياري سان ڪم ڪن ۽ اندروني امن برقرار رکڻ تي ڌيان ڏين.حڪومت ڪاروباري برادري کي جانچڻ تي ڌيان ڏئي.دنيا ۾ ٿيندو ڇا آھي ته جنگي حالت ۾ ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر وارن اثرن تي زور ڏنو ويندو آھي ته انهن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي.پاڪستان جا پوري دنيا ۾ سفارتخانا سرگرم ٿي جنگ بندي تي ۽ ٻاهرين ملڪن تي زور ڀرين ته جيئن ڇڙيل جنگي صورتحال ڪنٽرول ٿئي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جو نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي. اندورني معاملن ۾ منافعا خوري سميت مختلف عوامي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. بهتر اهو آھي ته سڀني ملڪي سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي جا سياسي اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي ملڪي رياستي ادارن سان گڏ بيهڻ کپي.

جنگين ۽ جهيڙن جا اثر انتهائي خطرناڪ هوندا آھن، دنيا جي سمجهدار قيادتون جنگ جون حامي ناهن هونديون.امن سمجهدار قيادتن ۽ قومن جو اهم جز ئي نه پر سندن ڄڻ ته ايمان جو حصو هوندو آھي.مٿي بيان ڪري آيا آھيون ته پاڪستان رياست جا اسٽيڪ هولڊرز هميشھ امن جا متلاشي رهيا آھن پر جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايڏو طاقتور سمجهي بدمستي جو مظاهرو ڪندو يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس جواب به ٿڏي تي منهن ٽوڙ ملندو.انهيءَ ڪري هتي زور ان ڳالهھ تي ڏجي ٿو ته سڀ کان پهريان پاڪستاني سفارتڪارن کي کپي ته پوري دنيا جي ملڪن تي سفارتي زور ڀري سڀ کان پهريان جنگ بندي لاءِ زور ڀريو وڃي.اقوام متحده،آمريڪا، سعودي عرب، يو اي اي ۽ ٻين دنيا جي طاقتور ڌرين ڌيان ڇڪايو وڃي ته هو علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

پاڪ – ڀارت جنگ جا پاڙيسري ملڪن تي جيڪي به خراب اثر پوندا اهو ته آھي ئي آھي.پر ان جنگي اثرن سبب بين الاقوامي پيدا ٿيندڙ خطرن کي به رد نٿو ڪري سگهجي.ان ڪري امريڪا، اقوم متحده، سعودي عرب سميت عرب دنيا جا حڪمران  ان ڳالهھ کي سامهون ضرور رکن ته پاڪ ڀارت جنگ سان بين الاقوامي معاملا متاثر ٿي سگهن ٿا.ملڪي حڪمرانن کي کپي ته  ملڪ جي سياسي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سندن راءِ ورتي وڃي.ان کان علاوه ملڪ اندر جنگي صورتحال ۾ يا  ايمرجنسي صورتحال ۾ ذخيره اندوزي تي واپاري طبقو ۽ منافعا خور طبقو ڪوشش ڪندو آھي ته عوام کي سستيون شيون مهانگيون سپلاءِ ڪيون وڃن ۽ منافعو وڌ کان وڌ ورتو وڃي.جنگي ۽ هنگامي صورتحال مان گذرندڙ عوامي طبقو پهريان ئي پريشان هوندو آھي ۽ رهندو  مهانگائي ۽ منافعا خوري سبب غريب عوام وڌيڪ پريشان ٿي پوندو آھي، ان ڪري ان منافعا خور طبقي تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪمرانن کي کپي ته ضلعي حڪومتن جي ذميوار آفيسرن کي هدايتون ڏئي سرگرم ڪرڻ کپي ته جيئن موجوده صورتحال ۾ عوام کي پرسڪون رکي دشمن ملڪ جو مقابلو ڪري سگهجي.ان صورتحال ۾ غربت وڌڻ جا ۽ ڏڪار پيدا ٿيڻ جا امڪان پنهنجي جاءِ تي آھن. پر ان جنگي صورتحال ۾ ڪابه هنگامي يا ايمرجنسي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن سان سياسي سرگرميون محدود يا ختم ٿيڻ جا امڪان آهن.ان حالت ۾ حڪومت کي کپي ته ملڪي هنگامي ۽ جنگي صورتحال کي سامهون رکي سياسي ڌرين کي يا سياسي فيڪٽرز کي رابطي ۾رکڻ ضروري آھي. پر جيڪڏهن سيڪيورٽي سنگيني سامهون اچي ٿي ته ان کي صلاح مشوري سان منهن ڏيڻ ضروري آ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.