مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي ضلعي مظفر آباد جي انتظاميا چيو آهي ته ڀارت طرفان نوسيري ۾ نيلم جهلم هائيڊرل منصوبي واري ڪئمپ سائيٽ تي گولاباري ڪئي وئي، جنهن سبب هائيڊروولڪ پاور يونٽ کي نقصان پهتو آهي.
انتظاميا موجب، حملي ۾ انٽيڪ يونٽ متاثر ٿيو ۽ هڪ گيٽ کي به بند ڪرڻو پيو، جڏهن ته منصوبي جي ايمبولينس کي پڻ نقصان رسيو آهي.
ضلعي انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوسيري ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه گهر ۽ ٻه گاڏيون به جزوي طور ،متاثر ٿيون آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سبب مظفر آباد جي تعلقي پلهوٽ ۾ هڪ شخص ۽ پٽهڪا (نصيرآباد) تعلقي جي علائقي ميرا ڪلوسي ۾ هڪ عورت زخمي ٿي، جن کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ سي ايم ايڇ مظفر آباد نيو ويو آهي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ميدان ۾ موجود آهن ۽ نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن.
You might also like