لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
برطانيا جي واپار واري سيڪريٽري جوناٿن رينالڊز مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته برطانوي ڪابينا جي رڪن ڊيوڊ ليمي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش طور ٻنهي ملڪن سان رابطو ڪيو آهي.
جوناٿن رينالڊز ڪشمير جي صورتحال ”انتهائي ڳڻتي جوڳو“ قرار ڏيندي چيو ته اسان جو پيغام آهي ته اسان ٻنهي ملڪن جا دوست ۽ ساٿي آهيون، اسان ٻنهي جي مدد لاءِ تيار آهيون.“
هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي جو علائقائي استحڪام، ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ان معاملي ۾ اسان کان جيڪا ٿي سگهي، اِها ڪنداسين.
You might also like