آمريڪا، پاڪستان ۽ ڀارت جي موجوده ڇڪتاڻ کي ”ڳنڀير“ قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي انتهائي سنجيده ۽ پيچيده قرار ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ ذميواراڻي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪن ته جيئن ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي تائين علائقائي استحڪام برقرار رهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس پريس بريفنگ دوران چيو ته صورتحال سنجيده ۽ تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي، آمريڪا سمورن معاملن کي ويجهو کان ڏسي رهيو آهي.
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏئي ٿو ته هو اهڙو حل ڳولڻ لاءِ ڪم ڪن جيڪو علائقي ۾ استحڪام آڻي.
سندس چوڻ هو ته اسان ٻنهي ملڪن جي حڪومتن سان مختلف سطحن تي رابطي ۾ آهيون ۽ صورتحال کي پري کان نه پيا ڏسون ۽ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بابت ايندڙ رپورٽن تي گهري نظر آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان صدر ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو طرفان پاڪستان ۽ ڀارت جي موجوده صورتحال تي ڏنل بيان جو حوالو ڏيندي پراميد نظر آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.