اسلام آباد/پئرس (ويب ڊيسڪ)پاڪستان طرفان 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت خلاف ڀرپور دفاعي ڪاروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڀارتي هوائي فوج جي ٽن رافيل جهازن سميت پنج جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا.
رافيل جهازن جي تباهيءَ کانپوءِ جهاز ٺاهيندڙ فرانسيسي ڪمپني ڊسالٽ ايوي ايشن جي شيئرز جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڊسالٽ ايوي ايوشن جي شيئرز ۾1 ڏهائي 64 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جڏهن ته گذريل پنجن ڏينهن دوران ڪمپني جي شيئرز ۾ 3.4 سيڪڙو واڌارو ٿيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪ فوج طرفان رافيل جهاز تباهه ڪرڻ وارين خبرن کانپوءِ عالمي مارڪيٽن ۾ ڊسالٽ ڪمپني جي شيئرز ڪِري پيا آهن.
يورپي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به ڪمپني جا شيئرز ناڪاري رجحان جو شڪار آهن.
رافيل جهاز جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهن ۽ ڀارتي هوائي فوج جي استعمال هيٺ آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل مهيني ڀارتي بچاءُ واري وزارت فرانس سان 630 ارب رپين (7.4 ارب ڊالر) جو معاهدو ڪيو، جنهن تحت ڀارت 26 رافيل طيارا خريد ڪندو، جنهن ۾ 22 سنگل سيٽر ۽ 4 ٽوئن سيٽر جهاز شامل آهن.
هڪ رپورٽ موجب، في رافيل جهاز لاءِ ڀارت کي اٽڪل 288 ملين ڊالر رقم ادا ڪرڻي پوندي.
واضح رهي ته گذريل رات ڀارت پاڪستان جي 6 هنڌن تي ميزائل حملا ڪيا، جن جي رد عمل ۾ پاڪ هوائي فوج ڀرپور ڪارروائي ڪندي ڀارتي فضائيه جا پنج جهاز ۽ هڪ ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا. تباهه ٿيل جنگي جهازن ۾ ٽي رافيل جهاز پڻ شامل هئا.
هوائي فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جا 3 رافيل جهاز تباهه، فرانسيسي ڪمپني جا شيئرز ڪِري پيا
You might also like