چين جي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ به ڪيس التوا ۾ ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ) چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته تازو چين جي دوري دوران معلوم ٿيو ته چين جي سپريم ڪورٽ ۾ 367 ججز مقرر آهن ۽ حيرت ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اُتي ڪو به ڪيس التوا هيٺ ناهي، هن اهو به چيو ته موجوده حالتن ۾ ڀارتي ججن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، ان جا تفصيل نه ٻڌائيندس، سپريم ڪورٽ جي رپورٽرز سان ملاقات دوران چيف جسٽس ٻڌايو ته، جڏهن چيني ججن کي پاڪستان ۾ التوا هيٺ ڪيسن جي تعداد بابت ٻڌايو ويو ته اهي حيران ٿي ويا ۽ پڇيائون ته "ايترا ڪيس توهان ڪيئن ختم ڪندا؟” ان تي مون جواب ڏنو ته انهيءَ لاءِ ئي ته اسان اوهان وٽ آيا آهيون، چيف جسٽس زور ڏنو ته عدالتي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو مؤثر استعمال ضروري آهي، پر اهو به واضح ڪيو ته ٽيڪنالاجي ڪو جادوئي حل ناهي، جيڪو استعمال ڪرڻ سان سڀ ڪجهه پاڻمرادو ٺيڪ ٿي وڃي، هن چيو ته جيستائين مڪمل ڊيٽا موجود نه هجي، تيستائين مصنوعي ذهانت (AI) جو مؤثر استعمال ممڪن ناهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اهو به اعتراف ڪيو ته پاڪستان جون پنج ئي هاءِ ڪورٽون ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ سپريم ڪورٽ کان بهتر ڪم ڪري رهيون آهن، هن زور ڏنو ته عدالتي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو مؤثر استعمال ۽ ٻين جي مثبت تجربن مان سکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هن ٻڌايو ته چين جي عدالتي نظام ۾ به پاڪستان وانگر چار فورمز ڪم ڪري رهيا آهن، هن زور ڏنو ته موجوده حالتن ۾ عدليه بابت مثبت ڳالهين کي عوام تائين پهچائڻ گهرجي ته جيئن عدليه تي اعتماد بحال ٿئي ۽ سڌارن جو عمل تيز ٿي سگهي، چيف جسٽس چيو ته”عوام پاڪ-ڀارت تڪرار جي ڪري پريشاني جو شڪار آهي، الله ڪري سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جبري گمشدگين وارن ڪيسن تي اداراجاتي ردعمل بابت قومي عدالتي پاليسي ۾ غور ڪيو ويندو  ۽ هن سلسلي ۾ وڪيلن کان راءِ ورتي وئي آهي، پر حڪومت طرفان اڃا تائين ڪو ردعمل ناهي آيو، آءِ ايم ايف جي وفد جو زور هو ته ڪمرشل معاملن کي ترجيحي بنيادن تي رکيو وڃي، ان سلسلي ۾ ضلعي عدالتن ۾ "ڊبل شفٽ” متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن تحت جيڪي عدالتي آفيسر رضاڪاراڻي طور 2 کان شام 5 وڳي تائين ڪم ڪندا، انهن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.