پشاور(م ڊ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته هي بيانيو غلط آهي ته اسين اسٽيبلشمينٽ جي خلاف آهيون يا اسان جو ڪو تڪرار آهي، منهنجي لاءِ ريڊ لائن پاڪستان آهي،هڪ سيمينار کيخطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين کان نه مان انڪار ڪيو آهي ۽ نه ئي باني چيئرمين عمران خان انڪار ڪيو آهي،هن چيو ته هي بيانيو صحيح ناهي ته اسين اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ڪري رهيا آهيون، اسان جو انهن سان ڪو تڪرار ناهي،پاليسي بابت اختلاف ٿي سگهي ٿو پر اداري سان ڪا ويڙهه ناهي،وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ 2014ع جي ڌرڻن جي پويان نه هئي، نه منهنجو، نه تحريڪ انصاف جو ۽ نه ئي باني پي ٽي آءِ جو فوج سان ڪو اختلاف آهي،هن اهو به چيو ته "خلائي مخلوق” ڪڏهن به نه ڏٺي، نه ئي اهڙي ڪنهن مخلوق جي طرفان ڪو دٻاءُ آيو۽ مان باني پي ٽي آءِ جي حوالي سان ڪو به بيان نه ڏنو هو،هن اهو به چيو ته جن ماڻهن رياست جي خلاف هٿيار کنيا، جنگ جو اعلان ڪيو، مان انهن سان ڳالهين جو حامي نه آهيان ۽ انهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪريان ٿو، آخر ۾ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ قانوني واٽ اختيار ڪئي آهي، آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهي سندس آزادي لاءِ ڪوشش جاري رکنداسين.
-
12 مئي سانحو، عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي(رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 12مئي سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، پراسيڪيوشن شاهد پيش نه ڪري سگهيو،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، عدالت ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر، عمير صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا،شريڪ جوابدار ذاڪر جي حاضري کان هڪ ڏينهن جي لاءِ ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي،عدالت جوابدار ذاڪر جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن ۽ شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
-
وفاقي حڪومت پاران ڪراچي لاءِ بجلي فراهمي ۾ واڌ جو فيصلو
ڪراچي (م ڊ) وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ بجلي جي فراهمي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي، تفصيلن موجب، پاور ڊويزن جي سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻڌايو ته وفاق طرفان ڪراچي کي 900 ميگاواٽ بدران 1600 ميگاواٽبجلي مهيا ڪئي ويندي، واضح رهي ته ڪراچي ۾ سخت گرمي باوجود ڪي اليڪٽرڪ طرفان بنا اعلان لوڊشيڊنگ روز جو معمول بڻجي چڪي آهي.
-
هاءِ ڪورٽ پاران رينجرز اهلڪار جي قتل واري ڪيس ۾ نوٽيس
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمرسيال ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾نائن زيرو کان گرفتار جوابدار عبيد ڪي ٽو جي رينجرز اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ سزا جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي، عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل رينجرز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 29مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عبيد ڪي ٽو کي ڪيس ۾ غير موجودگي ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌئي هئي، عدالت چيو ته جوابدار اسان جي جوان تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، اوهان چئي رهيا آهيون آزاد ڪرايو، عدالت چيو ته اهڙي خطرناڪ جوابدار جو جيل ۾ رهڻ لازمي آهي،جوابدار جي وڪيل چيو ته جوابدار سمورن ڪيسن مان آزاد ٿي ويو آهي، جيڪڏهن جوابدار ٻين ڪيسن ۾ آزاد ٿي ويو آهي ته هن ڪيس ۾ آزاد ڪري ڇڏيو .