ڪيس داخل ڪري پ پ آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد ڪندڙنخلاف انتقامي ڪارروائين جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ پ پ حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آھي. حڪمرانن کي ياد ڪرڻ گھرجي تہ سنڌ جي ماڻھن کي ڪيسن ء گرفتارين سان جھڪائي نٿو سگھجي. سنڌو درياھ اسان جي جياپي جو ذريعو آھي. 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن جو سودو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. کپرو، ڪنڌڪوٽ، مورو، ملير، ٻٻرلوء ۽ ٻين علائقن ۾ سماجي اڳواڻ شھناز شيخ، ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪندڙ ڊاڪٽر اعجاز مگسي، ماني پھچائيندڙ نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻھن مٿان منشيات، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪوڙا داخل ڪرڻ بند ڪيا وڃن. داخل ڪيل ڪوڙاڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن. اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران ياد ڪن تہ اقتدار ڪجھ سالن لاءِ ھوندو آھي، اھو اچڻو ۽ وڃڻو آھي پر درياھ، وطن ۽ ڌرتي سدائين لاءِ ھوندا آھن. حڪومت وٽ ايتريون جيلون ۽ ٿاڻا ناھن جيترا ماڻھو پنھنجي درياھ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي آھن. سنڌ حڪومت ٻڌائي تہ ڪيترا ڪيس داخل ڪندا، ڪيترا ماڻھو گرفتار ڪندا. ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حڪمران پنھنجي اقتدار جي تابوت ۾ ڪوڪا ٺوڪي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو ڪوڙن ڪيسن ۽ گرفتارين کان نٿا ڊڄن. درياھ ۽ زمينن لاءِ ھي جدوجھد جي شروعات آھي. لکين ماڻھو رستن ايندا. سڄي سنڌ بيدار ٿي چڪي آھي. .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.