يونيورسٽي ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جعلي تعليمي ڊگرين تي ڀرتين جي روڪٿام لاءِ شهيد محترمه بينظيرڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سڀني يونيورسٽين کي فيڪلٽي اسٽاف سميت سڀني ملازمن جي تعليمي ڊگرين جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ، آڊٽ پيرا تي اعتراض اٿاريو ته ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ هيڪ کان ڊگرين جي تصديق کان بغير ڀرتيون ڪيون ويون آهن جنهن تي ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وي سي ڊاڪٽر نصرت شاهه ٻڌايو ته ڊگرين جي تصديق جي مرحلي ۾ هڪ ملازم جي ڊگري جي تصديق نه ٿي سگهي جنهن کي نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو آهي. نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ جي سڀني يونيورسٽين سميت سرڪاري ادارن ۾ جعلي ڊگرين تي ڀرتيون برداشت نه ڪيون وينديون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.