معدنيات بل ۾ دوکو ڪيو ويو،گوادر بندرگاهه تي ڪنٽرول ناهي رهيو:ڊاڪٽر مالڪ بلوچ

ڪوئيٽا(م ڊ)نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر مالڪ بلوچ بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مائنز اينڊ منرلز بل تي اعتراض ڪندي چيو آهي ته معدنيات بل تي اپوزيشن سان دوکو ڪندي بل ۾ اعتراض جوڳا نقطا شامل ڪيا ويا جن کي ڪميٽي ۾ ڪڍيو ويو پر بعد ۾ اصل بل ۾ اهي نقطا ٻيهر شامل ڪيا ويا،هن چيو ته اها پارلياماني تاريخ ۾ بدترين خيانت تصور ڪئي ويندي،ان مسئلي تي اپوزيشن حتجاج ڪندي اجلاس کان واڪ آئوٽ به ڪيو،مالڪ بلوچ چيو ته پ پ حڪومت ۾ ارڙهين ترميم ٿيڻ مهل اسان کي چيو ويو ته گوادر جو ڪنٽرول وڏي وزير حوالي هوندو،پ پ واعدو ڪيو هو ته ڪراچي پورٽ کي ڇڏيو گوادر پورٽ اسان توهان حوالي ڪنداسين،مون بار بار انهن کي ياد ڏياريو،پ پ وارن چيو ته اسان رولز بڻائينداسين ان ۾ گوادر پورٽ تي بالادستي بلوچستان جي هوندي،هن چيو ته مون کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو گوادر پورٽ مان بلوچستان کي هڪ ٽڪو به نه پيو ملي،وفاق پئسو کڻي وڃي رهيو آهي،پ پ جا دوست وفاقي سرڪار سان ڳالهائين،هن چيو ته بلوچستان جي ساحل وسائل تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين ۽ بدديانتي ۾ شامل ڪيل اعتراض جوڳن نقطن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.