اسلام آباد (انجم ابراهيم) گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت زمينن جي ورهاست ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري بابت شفافيت جو فقدان نظر اچي ٿو. 7 ملين هيڪٽر زمين تيار ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جا علائقا شامل آهن، پر سرڪاري ويب سائيٽن تي تفصيل ناهن. پنجاب ۾ 2 هزار ايڪڙ تي مريم نواز ۽ آرمي چيف مهورت ڪئي، پر ان کانپوءِ ڪا وضاحت سامهون نه آئي. چيو پيو وڃي ته 140 ايڪڙ زمين پرڏيهي سيڙپڪارن خريد ڪئي، پر اگهه، ادائيگي جو طريقو ۽ پاليسي واضح ناهي. 460 هزار مقامي سيڙپڪار هجڻ جي دعويٰ باوجود واضح ناهي ته غريب هارين کي به فائدو ملندو يا نه. سنڌ کي خدشو آهي ته نون ڪئنالن سان ان جو پاڻي گهٽجي ويندو. زمين ورهائڻ لاءِ شفاف پاليسي آندي وڃي، هارين کي ترجيح ڏني وڃي. وڪيل محمد حسيب جمالي موجب سڀ کان وڏو مسئلو شفافيت جو آهي، نه پاليسيون سامهون آيون آهن، نه ئي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته زمينون ڪهڙي بنياد تي ڏنيون ويون آهن. موجوده زمينون آباد ڪرڻ لاءِ مشينري، ٽريننگ ۽ سهولت ملي ته مقامي ماڻهو پاڻ زراعت ڪري سگهن ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ سان مقامي هاري بي دخل ٿيندا، جڏهن ته غربت، بيروزگاري ۽ پاڻي جو بحران وڌندو. جيتوڻيڪ اسان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ملڪي حالتن کي ڏسندي ڌرڻا ملتوي ڪيا آهن پر اسان ان تي آواز اٿاري رهيا آهيون ۽ اسان جو احتجاج جاري رهندو. هاري اتحاد جي صدر خالد محمود کوکر چيو ته گرين انيشيئٽو تحت ايگري مال ۽ سيڊ ريگيوليٽري اٿارٽي ٺاهي وئي آهي. سنڌ وارن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڏنو وڃي ها ته اڄ اسان پاڻي لاءِ نه ويهي روئون ها. اچو ته گڏجي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ڏيون. سڀ اختيار سنڌ کي ڏيون ٿا ته هو بچيل پاڻي پنجاب کي ڏين.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 06 مئي 2025ع تي شايع ٿيو