اعجاز مگسي بعد ڌرڻي وارن جي سهائتا ڪندڙ شهناز شيخ تي قبضي سميت 2 ڪيس داخل

خيرپور(رپورٽ:عبدالمتين مهر) سنڌو درياهه تي 6 ڪينال اڏڻ خلاف ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾  لڳاتار ٻارھن ڏينهن روزاني سوين عورتن سان شريڪ ٿيندڙ ۽ پاڻي ڪيمپ ھلائيندڙ خيرپور جي مشهور سماجي اڳواڻ  شھناز شيخ سميت اٺن ڄڻن تي ڪورٽ جي حڪم تي بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. قومي شاهراهه تي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ خلاف ڌرڻي جي پھرين ڏينهن کان آخري ڏينهن تائين سوين عورتن سميت شرڪت ڪندڙ شھناز شيخ مٿان ڌرڻي جي ڪاوڙ ڪڍندي حڪمرانن بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور تي ٻه ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن..ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور 2 جي حڪم تي بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور ۾ وڪيل صفدر علي ڀٽي جي فرياد تي سماجي اڳواڻ شھناز شيخ ، صحافي مٺل کهڙو، اختر حسين ميتلو صادق میيتلو جاوید میيتلو مسمات امام زادي ميتلو، اسد علي ڀٽي علي دوست ميتلو مسمات تسليم ميتلو سميت 18 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف قلم 447 506/2.114 427  147 148.159هيٺ ايف آئي آر داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته مدينا ڪالوني خيرپور هڪ پلاٽ خريد ڪري رجسٽر دستاويز ڪرائي اڏاوت شروع ڪئي ته مٿين جوابدارن 19 فيرروري 2025 تي سماجي اڳواڻ شھناز شيخ جي اڳواڻي ۾ هٿيارن سان حملو ڪري  پلاٽ تي قبضو ڪيو ۽ 73500 روپيه ۽ قيمتي سامان ڦر ڪئي. خيرپور سکر پوليس ڪيترن ئي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا گذريل ڏينهن خيرپور جي ڊاڪٽر اعجاز مگسي خلاف سکر پوليس شراب رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. خيرپور جي مختلف سياسي سماجي مذهبي جماعتن جي اڳواڻن سنڌ جي حقن لاء جاکوڙيندڙ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم ڪوڙا ڪيس سنڌ جي باشعور عوام کي حقن کان دستبردار نٿا ڪري سگهن هنن مطالبو ڪيو ته سماجي ڪارڪن شھناز شيخ،  ڊاڪٽر اعجاز مگسي ۽ ٻين خلاف داخل جڙتو ڪيس ختم ڪيا وڃن. هوڏانهن خيرپور جي وڪيلن پاران هڪ پینل ٺاهي ڪارڪنن خلاف داخل ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ مفت قانوني مدد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي.

ٻٻرلو ڌرڻي جي ميزباني ڪندڙن تي ڪيس پيا داخل ٿين:عوامي تحريڪ

حيدرآباد ( رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ٻٻرلو ڌرڻي جي ميزباني ڪندڙ مقامي ماڻهن ۽ ميڊيڪل ڪئمپ هڻندڙ ڊاڪٽرن تي سنڌ حڪومت طرفان ڪيس داخل ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف 17 مئي 2025 تي ڪراچي ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف 8 مئي تي تلھار، 9 مئي تي ٻهارا، 11 مئي تي مورو ۽ 18 مئي تي ڪنڊيارو ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته مراد علي شاهه ڪارپوريٽ فارمنگ کي سنڌ جي ڏنل 52 هزار کان وڌيڪ زمين واپس وٺڻ وارو نوٽيفڪيشن نه ڪڍيو آهي مٿان وري مٽياري ۽ ڄامشوري ٻيلي کاتي جي هڪ لک 8 ايڪڙ زمين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، علي محمد, پرويز ميمڻ، اظهار دائودپوٽو، حسين سومرو، حسنا راهوجو، عبدالرحمٰن سمون، ڄام تماچي، اقبال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، منصور ٻپڙ، مير پرويز دائودپوٽو، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، مجيد ساگر پرهياڙ، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڪيس داخل ڪري پ پ آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي: اياز لطيف

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد ڪندڙنخلاف انتقامي ڪارروائين جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ پ پ حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آھي. حڪمرانن کي ياد ڪرڻ گھرجي تہ سنڌ جي ماڻھن کي ڪيسن ء گرفتارين سان جھڪائي نٿو سگھجي. سنڌو درياھ اسان جي جياپي جو ذريعو آھي. 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن جو سودو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. کپرو، ڪنڌڪوٽ، مورو، ملير، ٻٻرلوء ۽ ٻين علائقن ۾ سماجي اڳواڻ شھناز شيخ، ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪندڙ ڊاڪٽر اعجاز مگسي، ماني پھچائيندڙ نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻھن مٿان منشيات، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪوڙا داخل ڪرڻ بند ڪيا وڃن. داخل ڪيل ڪوڙاڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن. اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران ياد ڪن تہ اقتدار ڪجھ سالن لاءِ ھوندو آھي، اھو اچڻو ۽ وڃڻو آھي پر درياھ، وطن ۽ ڌرتي سدائين لاءِ ھوندا آھن. حڪومت وٽ ايتريون جيلون ۽ ٿاڻا ناھن جيترا ماڻھو پنھنجي درياھ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي آھن. سنڌ حڪومت ٻڌائي تہ ڪيترا ڪيس داخل ڪندا، ڪيترا ماڻھو گرفتار ڪندا. ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حڪمران پنھنجي اقتدار جي تابوت ۾ ڪوڪا ٺوڪي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو ڪوڙن ڪيسن ۽ گرفتارين کان نٿا ڊڄن. درياھ ۽ زمينن لاءِ ھي جدوجھد جي شروعات آھي. لکين ماڻھو رستن ايندا. سڄي سنڌ بيدار ٿي چڪي آھي. .

حڪمران ڌرڻي جي مددگارن تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪن: عامر نواز وڙائچ

ڪراچي( ع آ نيوز) ڪراچي بار ايسوسئيشن  جي صدر عامر نواز وڙائچ ڌرڻي وارن جي مهماني ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان ويهڪ گهرائي آھي، ان بعد  پريس ڪانفرنس به ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جاڳي چڪي آهي.  ڌرڻي ۾  شامل ماڻھن  مٿان داخل ڪيس واپس وٺو.

ڪئنالن خلاف احتجاج تي نوجوان گرفتار، عمراڻي برادري جو احتجاج

سکر(رپورٽر) سنڌو دريا مان نڪرندڙ ڪئنالن جي خلاف پٽڻي ڦاٽڪ تي ڪيل پرامن احتجاج کان پوءِ عمراڻي برادري جي ماڻهن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ بناجواز گرفتارين جي خلاف سخت احتجاج ڪيو.احتجاجي مظاهرو پٽڻي ڦاٽڪ تيٿيو، جنهن جي اڳواڻي برڪت عمراڻي،رحمت الله عمراڻي ۽ ٽيڪو خان عمراڻي ڪئي.برڪت عمراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وڪيل برادري جي سهڪار سان پٽڻي ڦاٽڪ تي ڪئنالن خلاف پرامن احتجاج ڪيو هو پر ان کانپوءِ اسان جي برادري کي نشانو بڻايو پيو وڃي هن دعويٰ ڪئي ته عمراڻي برادري جي نوجوان مجاهد عمراڻي کي گذريل رات روهڙي پوليس بنا ڪنهن قانوني جواز جي گرفتار ڪيو ۽ صبح مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . برڪت عمراڻي وڌيڪ چيو ته روهڙي ۽ پٽڻي پوليس اسان جي برادري جي ٻين نوجوانن کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي .مظاهرين ڊي آءِ جي سکر،ايس ايس پي سکر ۽ وڪيل برادري کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي عمراڻي برادري سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي هوڏانهن مقامي شهرين ۽ سماجي حلقن به واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پرامن احتجاج تي سزا ڏني ويندي ته اها شهري آزاديءَ جي سنگين ڀڃڪڙي ٿيندي.

احتجاج ڪندڙن ۽ مهماني ڪندڙن تي منشيات، جوا جا ڪيس داخل ٿيڻ لڳا

سکر (رپورٽر) سنڌو مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جي مدد ۽ خدمت ڪندڙن خلاف پوليس جي وٺ پڪڙ, ڪيترائي ماڻهو چرس, شراب, چوري ڦرن جي ڪيسن ۾ گرفتاري بعد چالان ٿي ويا. سنڌو درياء مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوء ۾ لڳل ڌرڻي ۾ شامل وڪيلن, قوم پرستن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي خدمت ڪندي کين ٿڌو مٺو پاڻي, کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان پهچائيندڙ ۽ سندن مدد ڪندڙ سوشل ورڪرن ۽ ٻين ماڻهن خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي گهوٽڪي سکر خيرپور سميت مختلف ضلعن ۾ پوليس اهڙيون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ڌرڻي جي خدمتگارن ۽ مددگارن مٿان چرس, شراب, چوري, ڦر سميت مختلف قسمن جا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري چالان ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ذريعن موجب پوليس ڌرڻي جي مددگارن ۽ خدمتگارن جون لسٽون تيار ڪيون آهن ڳولي ڳولي ڌرڻي جي خدمتگارن ۽ مددگارن کي پوليس پڪڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ چالان ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.