ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش، يو اي اي ۽ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ گڏيل عرب امارتن ۽ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 13 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيادت وڪيٽ ڪيپر بيٽر لِٽن داس ڪندو.
بنگلاديش جي ٽيم 17 ۽ 19 مئي تي يو اي اي خلاف ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندي، جنهن کان پوءِ 21 مئي تي پاڪستان پهچندي جتي 5 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز شيڊيول آهي.
اسڪواڊ ۾ تنزيد حسين، پرويز حسين، سوميا سرڪار، نظم الحسن شنتو، شميم حسين، ذاڪر علي، رشاد حسين، مهدي حسن، تنوير اسلام، مستفيض الرحمان ۽ حسن محمود شامل آهن.
ٻئي پاسي بورڊ ڀارت خلاف سيريز ملتوي ٿيڻ جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهڙي قسم جي خبرن ۾ سچائي ناهي.
بنگلاديشي ٽيم جي پاڪستان دوري ۽ سيريز جو شيڊيول جلد جاري ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ يو اي اي جي دوري لاءِ بنگلاديشي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان، لٽِن داس ڪپتان
Next Post
You might also like