ڪرڪيٽرن لاءِ خوشخبري، ملڪ جي وڏن شهرن ۾ اڪيڊميون فعال ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) لاهور، ڪراچي ۽ ملتان ۾ اڪيڊميز مڪمل فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، ٽنهي شهرن جي اڪيڊميز ۾ سڄو سال مختلف پروگرامز جاري رهندا، ايج گروپ پاٿ ويز پروگرام کي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ بئنچ اسٽرينٿ تي ڪم ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رکيو ويندو، ڪوچ مٿن ڪم ڪندا، ملتان ۾ انڊر 19 ڪرڪيٽرن کي سکيا ڏئي ايندڙ عالمي ڪپ لاءِ تيار ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۽ بين امڪاني پليئرز کي تربيت ڏني ويندي.
ذريعن موجب، وومين ڪرڪيٽرز کي هلندڙ سال ورلڊ ڪپ ۽ ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس جو عهدو سنڀالڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.