ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ برسات بابت نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ برسات ٽن ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ فجر وقت تيز هوا ۽ ڪڪر ٿيڻ سبب هلڪي برسات ٿي، جنهن کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي هئي.
موسميات کاتي طرفان سومر جي شام به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، پر اتر اوڀر کان ايندڙ خشڪ هوا جي اثر سبب ڪراچي ۾ برسات جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
پهرين ٻڌايو ويو هو ته ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان اڱاري تائين جاري رهندو، پر هاڻي اهڙي قسم جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ۾ 1991ع کانپوءِ پهريون ڀيرو مئي مهيني دوران سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، 1991ع ۾ مئي مهيني دوران لاڙڪاڻي ۾ مجموعي طور 24 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي 21 مئي 1991ع تي هڪ ڏينهن دوران وڌ کان وڌ 15.0 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي، پر 4 مئي تي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڏينهن دوران ئي 38 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي.
لاڙڪاڻي ۾ برسات ٽن ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ڪراچي ۾ ڪڪر وسندا يا نه؟ اهم خبر اچي وئي
Next Post
You might also like