سمارٽ فون شوقينن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ٽرينڊنگ سمارٽ فونز جي عالمي فهرست ۾ تبديلي آئي آهي، جتي سام سنگ گليڪسي اي 56 جي ڊگهي حڪمراني ختم ٿي وئي آهي ۽ شيائومي جو ريڊمي ٽربو 4 پرو پهرين نمبر تي اچي ويو.
گذريل هفتي شيائومي جو اِهو فون پنجين نمبر تي موجود هو، جڏهن ته هلندڙ هفتي ان فهرست ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي.
نئين فهرست ۾ ٻئي نمبر تي نٿنگ سي ايم ايف فون 2 پرو فائييو جي نئين انٽري طور شامل ٿيو، جڏهن ته سام سنگ گليڪسي اي 56 ٽئين نمبر تي موجود آهي.
فهرست موجب، پهرئين نمبر شيائومي ريڊمي ٽربو 4 پرو آهي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي نٿنگ سي ايم ايف فون 2 پرو فائييو جي (نئين انٽري) آهي.
ان کانسواءِ سام سنگ گليڪسي اي 56 ٽئين، ون پلس ” ٽي 13“ فائييو جي چوٿين، موٽورولا ” ايڇ 60 “ پرو پنجين، سام سنگ گليڪسي ” ايس 25 ۾ الٽرا ڇهين نمبر تي موجود آهي.
فهرست ۾ شيائومي پوڪو ” ايڪس سيون“ پرو ستين، ايپل آئي فون 16 پرو ميڪس اٺين، سام سنگ گليڪسي اي 36 (نئين انٽري) نائين ۽ انفينيڪس نوٽ 50 پرو پلس (نئين انٽري) ڏهين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.