واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڀارتي جارحيت کانپوءِ جنرل عاصم منير فرنٽ تان اڳواڻي ڪندي هڪ مثال قائم ڪئي آهي.
نيويارڪ ٽائيمز پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته جنگي مشقن دوران جنرل عاصم منير ٽينڪ تي چڙهي فوجي جوانن سان خطاب ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف چيو ته ڀارت جي ڪنهن به مهم جوئي جو سخت جواب ڏنو ويندو، جنرل عاصم منير ڀارتي جارحيت خلاف سخت موقف اختيار ڪيو.
آمريڪي اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته جنرل عاصم منير جو ردعمل ڪنهن به سياسي اندازي کان وڌيڪ مضبوط ۽ واضع نظر اچي ٿو.
” عاصم منير ڀارتي اڳرائيءَ خلاف سخت موقف اختيار ڪيو“ آمريڪي اخبار پاران آرمي چيف جي صلاحيتن جو اعتراف
You might also like