واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کان ٻاهر ٺهندڙ هڙني فلمن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي گاڏين، اسٽيل ۽ ٻين شين تي ٽيڪس لڳائڻ کانپوءِ ٽرمپ هاڻي پرڏيهي فلمن تي به سخت ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ’ٽروٿ سوشل‘ تي هڪ پوسٽ ذريعي اعلان ڪيو ته آمريڪي فلم انڊسٽري تيزي سان زوال جو شڪار ٿي رهي آهي، جنهن ڪري هو واپار واري کاتي کي ليوي (ٽيرف) لاڳو ڪرڻ جو اختيار ڏئي رهيو آهي..
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته ٻين ملڪن جا ادارا آمريڪي فلمسازن ۽ اسٽوڊيوز کي آمريڪي فلمي صنعت کان پري ڪرڻ لاءِ هر قسم جي پُرڪشش آڇ ڪري رهيا آهن ۽ اِهو آمريڪي سلامتي لاءِ خطري جي برابر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا ۾ ٺهندڙ فلمون ڏسڻ چاهيون ٿا.
” رڳو آمريڪي فلمون ڏسندس“ ٽرمپ جو ملڪ کان ٻاهر ٺهندڙ فلمن تي سئو سيڪڙو واڌو ٽيڪس مڙهڻ جو اعلان
You might also like