ارسا ۾ وفاق جي سنڌ مان ميمبر بابت سنڌ حڪومت جي ڏيکاءَ واري پاليسي؟

اسلام آباد (قربان بلوچ) سنڌ جي حقن بابت دعوائن باوجود سنڌ حڪومت عملي قدم کڻي ناهي سگهي. چولستان واري معاملي تي سينيٽر ضمير گهمري پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو هو ته ارسا جو سرٽيفڪيٽ ۽ وفاقي ميمبر غيرقانوني آهن، جن کي رد ڪيو وڃي. عدالت عبوري حڪم ناما جاري ڪندي وفاقي نمائندي جي مقرري بابت تفصيل طلب ڪيا. سنڌ حڪومت، رٽائرڊ چيف انجنيئر شفقت حسين وڌو جو نالو وفاق ڏانهن موڪليو، پر وفاقي حڪومت ان کي واپس موڪليندي واضح ڪيو ته ارسا ۾ ميمبر مقرر ڪرڻ جو اختيار رڳو وفاق وٽ آهي. وفاقي نمائندي جي مقرري وارو فيصلو 2017 کان التوا هيٺ آهي، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي قانونسازي سميت وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ حڪمران پارٽي جا نمائندا ان اهم معاملي تي خاموش آهن. سوال آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي حقن لاءِ واقعي سنجيده آهيو ته پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ صورتحال مان لڳي ٿو ته حڪومت جي رڳو ڏيکاءُ واري پاليسي جاري آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 05 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.