پي ٽي آءِ جو موجوده ڪردار ملڪ دشمن آهي:رانا تنوير حسين

مريدڪي(م ڊ)غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزيرراڻا تنوير حسين چيو آهي ته 9 مئي جو واقعو ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي، ان ڏينهن رياستي سلامتي جي ادارن تي حملا ڪري ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي،هن چيو ته پي ٽي آءِ جو موجوده ڪردار مڪمل طور تي اينٽي پاڪستان آهي، پر ملڪ جو 24 ڪروڙ ماڻهو پنهنجي پاڪ فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي، مريدڪي ۾ پنهنجي فارم هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هر واقعي کان پوءِ ڀارت حملن جون ڌمڪيون ڏيندو آهي، پر مريدڪي وارا پاڪ فوج سان گڏ پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

،وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ڀارتي رافيل طيارا واپس ڌڪي ڇڏيا ۽ ڀارت جون ٽن حملن جون ڪوششون ناڪام بڻايون،  هن نريندر مودي کي ٿيندي چيو ته هو حالتن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري، جنگي ماحول کي ٿڌو ڪري، جيئن خطي جو امن تباهه ٿيڻ کان بچي.

  • وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ غير ملڪي طاقتون سرگرم آهن: شاندانه گلزار

پشاور(م ڊ) قومي اسيمبلي جي ميمبر شاندانه گلزار چيو آهي ته غير ملڪي طاقتون پاڪستان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ اسان کي خاص ريت نشانو بڻايو پيو وڃي، پشاور جي نشتر هال ۾ هڪ آرٽ نمائش دوران خطاب ڪندي شاندانه گلزار چيو ته دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته معدني وسيلن لاءِ جنگيون وڙهيون رهيون آهن ۽ اڄ به وسيلن جي مالڪ قومون عالمي سازشن جي گهيري ۾ آهن، هن چيو ته اسان جي وسيلن جي ڪري اسان کي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، شاندانه گلزار خاص طور خيبرپختونخوا جي حوالي سان چيو ته "صوبو جيڪو ملڪ لاءِ بجلي پيدا ڪري ٿو، ان کي پاڻ ئي بجلي ميسر ناهي. اها محرومي هاڻي قابلِ برداشت نه رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.