پي ٽي آءِ جو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڪوٺايل بريفنگ جو بائيڪاٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف  جي سياسي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته اها پاڪ-ڀارت تڪرار جي تناظر۾ حڪومت پاران ڏنل بريفنگ ۾ شرڪت نه ڪندي، پي ٽي آءِ جي ترجمان شيخ وقاص اڪرم موجب پي ٽي آءِ هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ هن قومي مسئلي تي اتحاد جي اهميت کي تسليم ڪري ٿي، سندس چوڻ هو ته عمران خان هن وقت غير قانوني قيد ۾ آهي، پر جيل مان به هن قوم کي پنهنجن پيغامن ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو، پي ٽي آءِ ترجمان موجب عمران خان جو موقف خود وضاحتي آهي، جنهن ۾ هن جرئت سان قوم کي اتحاد جو پيغام ڏنو آهي، جيڪو هڪ قومي اڳواڻ جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاءِ هر محاذ تي بيٺي رهندي ۽ اهو به مطالبو ڪيو ته حڪومت موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ته جيئن سڀني سياسي قوتن کي اعتماد ۾ وٺي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.