ڪراچي (منظور سولنگي) ٻٻرلوءِ واري تحريڪ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ نئون تحرڪ پيدا ڪيو آهي. هن تحريڪ وفاق ۽ پنجاب کي پيغام ڏنو آهي ته سنڌو درياهه تي سنڌي ڪا به سوديبازي نه ڪندا، نه ئي ڪو به سمجھوتو ڪندا. تحريڪ اسٽبلشمينٽ کي پڻ واضح پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جي مٿان بار بار مڙهيل ٽولي کي عوام رد ڪري ٿو. ان تحريڪ ذريعي اسٽبلشمينٽ کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته وفاق ۽ پنجاب جي غير آئيني فيصلن سبب وفاق جي يڪجهتي کي خطرو آهي. تحريڪ ذريعي دنيا کي به هي پيغام ڏنو ويو آهي ته اهو احتجاج پرامن هو، جنهن دوران ڪنهن به گاڏي يا ان جي ڊرائيور کي ڪو نقصان نه پهتو. سنڌين احتجاج دوران به انساني اخلاقيات کي ترجيح ڏني، ڊرائيورن جي ميزباني ڪئي ۽ روڪيل گاڏين جي حفاظت ڪئي وئي. سينيئر وڪيل اڳواڻ غلام رسول سوهو موجب، ايم آر ڊي کان پوءِ ٻٻرلوءِ وڏي پيماني تي سياسي ڪارڪنن جي ايڪسرسائز آهي. وڪيل اڳواڻ معين مگسي چيو ته ستر ورهين کان خاموش سياسي ڪارڪنن کي ٻيهر متحرڪ ڪيو ويو آهي. امر حسيب پنهور موجب، جيڪي ماڻهو منظور پشتين ۽ ماه رنگ جا مثال ڏيندا هئا، انهن لاءِ هي وڪيل تحريڪ اميد جو ڪرڻو آهي. مجيب مشوري چيو ته ٻٻرلوءِ جو اسٽيج سنڌ جي سڀني پارٽين، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ موجود آهي. رشيد راڄڙ موجب، ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ماڻهن مان خوف ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سهيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته هن تحريڪ سنڌ جي نوجوان نسل کي سياست سيکاري آهي. اندرجيت لوهاڻي چيو ته ٻٻرلوءِ ثابت ڪيو آهي ته سنڌي پنهنجي وجود لاءِ اهڙي تاريخي تحريڪ هلائي سگهن ٿا، ۽ اهو پيغام ملڪ جي سڀني ڌرين تائين پهچايو ويو آهي.