ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪراچي بار ايسوسيئيشن کي درياءَ سنڌ تي تڪراري ڪينالن جي اڏاوت خلاف ”تاريخي جدوجهد“ تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي، حليم عادل شيخ، سٽي ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي سينئر وڪيلن جي وفد جن ۾ ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ، ايڊووڪيٽ ظہور محسود، ايڊووڪيٽ نصرالله جلباڻي، ايڊووڪيٽ خان زمان، ايڊووڪيٽ شجاعت علي خان، ايڊووڪيٽ نذيرالله محسود، ايڊووڪيٽ انور ڪمال، بيرسٽر احسن عادل شيخ، بيرسٽر ملڪ آصف، ايڊووڪيٽ خالد محمود، بيرسٽر شعيب کٽياڻ، ايڊووڪيٽ علي شير، ايڊووڪيٽ دانيال مگسي، ايڊووڪيٽ حسنين علي چوهاڻ، ايڊووڪيٽ جي ايم آزاد، ايڊووڪيٽ مهجبين راجپوت، ايڊووڪيٽ عمران قريشي، ايڊووڪيٽ اصغر جوڻيجو ۽ ٻيا وڪيل شامل هئا، ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته، جيئن جناح پاڪستان جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي، اهڙي طرح ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ سنڌ جي عوام جو ڪيس وڙهيو آهي، هن اعلان ڪيو ته 4 مئي تي گھوٽڪي ۾ ”سلام سنڌ ڪنوينشن“ منعقد ڪيو ويندو، جتي وڪيلن ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، ڪراچي بار جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته، اسان شروع کان ئي سنڌو درياهه جي پاڻي جي ناجائز ورڇ جي خلاف رهياسين، هن ٻڌايو ته بار طرفان منظور ڪيل قرارداد وفاق ڏانهن اماڻي وئي، پر ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو، عامر نواز وڙائچ ٻڌايو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ تقريبن80 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن سبب ڪينالن جي اڏاوت روڪڻ ممڪن ٿي، جيڪڏهن اهي ڪينال ٺهي وڃن ها ته سنڌ جا ماڻهو پاڻي لاءِ سڪي وڃن ها، ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي چيو ته سندن جدوجهد آئيني ۽ عوامي حقن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم سڀني مسئلن جي جڙ آهي۽ سندن تحريڪ هاڻ به جاري آهي، هن اعلان ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي، ان سان گڏوگڏ هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڻيءَ جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سنڌ جي عوام پاڪ فوج سان گڏ بيهندي، هن ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا خلاف به جدوجهد جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته بار ايسوسيئيشن عوام جي حقن لاءِ هر وقت ميدان ۾ رهندي.