حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ يا پبلڪ پارٽنرشپ ڌاڙيل منصوبو آھي، سنڌ جي زمينن، تاريخي ماڳن جو سودو ڪنھن به نالي ۾ قبول ناھي، پيپلز پارٽي ۽ ان کي اقتدار تي مسلط ڪندڙ طاقتن کي ھر صورت ۾ ڪئنالن جي منصوبي تان دستبردار ٿيڻو پوندو. سنڌو درياھ 7 ڪروڙ ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. چولستان سميت 6 ڪئنال موت جو پروانو آھن، سنڌ حڪومت درياھ ۽ زمين لاءِ سنڌي ماڻھن جي ھلندڙ عظيم جدوجھد کي ڌڪ ھڻڻ لاءِ سي سي آئي ميٽنگ ۾ دوکو ۽ فراڊ ڪيو، آصف زرداري ٻيھر اقتدار خريد ڪرڻ ۽ ڪرپشن لاءِ پئسا ڏئي 2 مھينن لاءِ ڪئنالن جو ڪم ملتوي ڪرايو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته وفاق حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ٻڌي ڇڏين ته سنڌ جا ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ زمينن جو سودو ۽ ڪئنال ٺاھڻ نه ڏيندا، اياز لطيف پليجي ڪراچيءَ جي قديم مهاڻن جي 7 آبادين سميت 19 ڳوٺن کي ڪراچي پورٽ پاران گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي ته پ پ حڪومت کي غير قانوني لکين افغاني، بنگالي ۽ ٻيا پرڏيھي نظر نٿا اچن، ڌرتي ڌڻي قديم مھاڻن کي لڏائڻ لاءِ غير قانوني نوٽيس ڏنا ويا آھن، پيپلز پارٽي وٽ سنڌ جي ترقي ۽ سنڌي ماڻھن جي مفادن لاءِ ڪو به منصوبو ناھي، فوري طور تي مھاڻن جي 19 ڳوٺن کي ڏنل نوٽيس واپس ورتا وڃن.